Thursday, September 19

سرسوتي سانوري هئي…….!!

Pinterest LinkedIn Tumblr +

!! …….سرسوتي سانوري هئي

!! …….سرسوتي سانوري هئي

اعجاز منگي
لتا جا گيت سڀ کان اڳ ۾ مون ريڊيو تي ٻڌا هئا.
جڏهن اتر سنڌ جي اونهاري جون ڪوسيون راتيون
ڪوئيٽا کان ايندڙ هوائن سبب ٺرڻ لڳنديون هيون
تڏهن فضائن ۾ اڏامندڙ فرشتن جي پرن تي
لتا جي گيتن جون صدائون لوبان جيان ٻرڻ لڳنديون هيون
۽ پوري ماحول کي هڪ مقدس خوشبو مهڪائڻ لڳندي هئي
ها! جڏهن لتا منگيشڪر ڳائڻ لڳندي هئي
تڏهن سرحدن جي ٻنهي پاسن تي بيٺل سپاهين جون
بارود ڀريل بندوقون امن جا سپنا سوچينديون هيون
۽ گهرن کان دور رگهاريندڙن جي گهايل دلين مٿان
لتا جو آواز مرهم مهٽيندو ويندو هو
اهڙي مرهم جنهن ۾ نازبو جي مهڪ هوندي هئي!!
لتا منزل نه هئي. لتا راهه هئي. وڏي ۽ ويڪري…..!!!
لتا جي لئه چرس ڇڪيندڙ ڊرائيورن جي ٽرڪن تي
ڇلڪندي ويندي هئي.
مٺڙا ۽ محبوب آواز ته سوين، هزارين ۽ لکين هوندا هئا
پر جهڙي طرح اهي لتا جي التجائي چپن تان اڏامندا هئا
تڏهن انهن گيتن کي پرديسي پکن جا پر لڳي ويندا هئا
”پنک هوتي تو اڙ آتي
رسيا او بالما!
تجهي دل ڪي داغ دکلاتي ري“
تڏهن پهاڙي پورهيتن جهڙيون بار بردار ٽرڪون به
ڀڳل ٽٽل روڊن تي رقص ڪنديون هلنديون هيون!!
جڏهن عمر منهنجي عقل ۽ عشق ۾ اضافو ڪيو
تڏهن مون کي پتو پيو
لتا جا گيت سياسي قيدين جي سيراندين تي
ڪا سير وجهندا ويندا هئا!!
اهي سياسي قيدي جن جي فڪرن ۾ هڪ ٻئي کان
گهڻو، گهڻو فرق هوندو هو
اهي به درد جي ساڳي ڌاڳي ۾
پاڻمرادو قيد ٿي ويندا هئا!!
اهي ڀلي قومپرست قيدي هجن
اهي ڀلي ترقي پسند اسير هجن
ڀلي اهي پنجابيءَ ۾ پيڙا محسوس ڪن
ڀلي اهي سنڌيءَ ۾ سور سلين
جي ائين نه هجي ها ته
ڪوٽ لکپت جو قيدي
سرن جو سوداگر رسول بخش پليجو
پنهنجي جيل ڊائريءَ ۾ لتا جو اهو گيت ڪيئن لکي ها؟
”جهان هو سويرا بسيرا وهين هو“
پر منهنجا پيارا پڙهندڙءُ!
لتا جي گيتن جي لئه ۾ مون پاڻ کي لڙهندو محسوس ڪيو
جڏهن ڄامشوري جي چرين ۽ چنچل هوائن ۾ مون
لتا جا گيت نسيم ٿيٻو جي ڪليڪشن ۾ ٻڌا
ادي نشيم! جو آواز تمام گهڻو مڌر هيو
پر ان کان به پياري هئي، هن جي ميوزيڪل پسند
موسيقيءَ ماڻهوءَ ۾ ماڪ ڀنا رابيل ڪئين مهڪائيندي آهي؟
ادي نسيم کي معلوم هو
هوءَ ڄامشوري جي پاڪ پرهه جو آڌرڀاءُ
موسيقيءَ جي مڌرن سرن سان ڪندي هئي
اڃان کيرٿر جي چوٽين کي سج جا ڪرڻا نه چمندا هئا
اڃان پکين جا آواز آکيرن ۾ ڦرندا هئا
اڃان ٻار مائن جي چولن مٿان گگ وهائي
رانديڪن جهڙا سپنا سرجيندا هئا
تڏهن ادي نسيم جي ٽيپ مٿان
اهڙا گيت اکيون مهٽي اٿندا هئا
جهڙو اهو جادوءَ جهڙو گيت آهي
”جوتي ڪلش ڇلڪي…….!!“
ادي نسيم اهو گيت تڏهن ٻڌندي هئي
جڏهن سج پنهنجي گاگهر ماڪ جي ڦڙن سان ڀرڻ لڳندو هو
۽ پروفيسر نسيم ٿيٻو جي گهر جي گهٽيءَ مان لنگهندڙ
پوري رات جي ڊيوٽي ڪري موٽندڙ چوڪيدار ٻڌندا هئا
”جاگو موهن پياري جاگو
جاگو ري جاگو ڪليان جاگين
جاگو ري جاگو گليان جاگي“
پر سياري جا اهي سنهڙا ڏينهن
وقت جي وٿين مان جلدي گذري ويندا هئا
۽ پوءِ ڄامشوري جي پهاڙين مٿان
شام جي شفق جا پاڇا تيز هوا ۾
جلدي اڏامي ويندا هئا
۽ پوءِ رات……..!
”يارا سلي سلي“ جهڙي رات
من جي ڀرجي ويل ڦٽن جا ڪڙا
نينهن جي نهن سان اکيڙڻ لڳندي هئي
۽ ادي نسيم ڄامشوري جي اڌوري چنڊ کي ڏسندي
پڌر ۾ پيل بيڊ مٿان آهلي ٻڌندي هئي
”ڪهين ديپ جلي ڪهين دل“
اڄ لتا جسماني طور تي جدا ٿي وئي آهي
۽ مان سوچي رهيو آهيان ته
جيڪڏهن اڄ ادي نسيم ۽ انتيا جيئريون هجن ها
ته هو جيڪر گڏجي ڳائن ها
”جوتي ڪلش ڇلڪي……!“
موسيقيءَ سان جيتري محبت
ادي نسيم ۽ انيتا ۾ هئي
ايتري محبت اڄ ڏينهن تائين
مون ڪنهن ۾ ڏٺي ڪا نه آ
موسيقيءَ سان محبت مقدس روح ڪندا آهن
انهن کي معلوم هوندو آهي ته
”موسيقي درد به آهي ۽ موسيقي دارون به آهي“
”موسيقي پيار به آهي. موسيقي پڪارون به آهي“
موسيقي لاحاصل محبت آ، موسيقي للڪارون به آهي“
مون کي معلوم نه هو
مون کي اڄ پتو پيو آ.
مون اڄ ڄاتو آهي ته
سنگيت جي ديوي سرسوتي
سانوري هئي.
اوشو چوندو هو
”جيتري گهرائي سانوري رنگ ۾ آهي
ايتري گهرائي اڇي ارنگ ۾ نه هوندي آ
اڇو رنگ ڇاڇر ۾ جهڙو هوندو آهي
پر جتي جل گهرو هوندو آهي
اتي پاڻيءَ جو رنگ ڪرشن ڀڳوان جيان
سانورو ٿي ويندو آهي“
لتا ۽ انيتا جو رنگ سانورو هو
اهي هڪ جهڙيون هيون
ٻنهي جي آواز ۾ هڪ مٺو درد هوندو هو
اهو درد اڄ لتا جي ديهانت تي
خوشبو وانگر کلي رهيو آهي!!
اهو درد اڄ پنهنجي راهه ڀلي به
هن دل جي گدلي گهٽيءَ ۾ گهلي رهيو آهي!!
مون کي معلوم نه هو سرڳ ۾ رهندڙ
ڪلا جي ديويءَ سرسوتيءَ جو رنگ ڪهڙو هو؟
مون کي اڄ معلوم ٿيو آهي ته
سرسوتيءَ جو رنگ سانورو هو
لتا جهڙو، انيتا جهڙو، ادي نسيم جي سپنن جهڙو
ماڻهن جو موڪلائي وڃڻ ته عام حقيقت آهي
پنهنجي ڪلا جي ڪري ان جو دل ۾ واسو ڪري ويهڻ
خاص خوبي آهي، انهن سازن جي، جيڪي ساز
آوازن سان گڏ ايئن اڏمندا هئا
جيئن پرديسي پکين جا اهي ٻيئي پر
جن جي پويان سورج لڙندو ويندو آهي
هيءَ پوري ڪائنات هڪ عظيم ڪي بورڊ جهڙي آهي
ان تان سرن جا آواز، سرشٽيءَ جا راز بڻجي اڏامن ٿا
لتا جو جسماني وڇوڙو ته اڻ ٽر هيو
پر لتا ويندي ويندي اياز جي انهن ٻولن کي
سچ ثابت ڪري وئي آهي ته:
”فاني ٿئي ٿو فوت، تون ته امر آن راڳيا“
”هلندڙ“…………!

 

Share.

Leave A Reply