جوتي ڪلش ڇلڪي……..!!
جوتي ڪلش ڇلڪي……..!!
اعجاز منگي
شيخ اياز کي لطيف جو سر سورٺ تمام گهڻو وڻندو هو. هن اهو ڪٿي لکيو ناهي پر اياز اها ڳالهه اردوءَ جي عظيم فيمينسٽ شاعره فهميده رياض کي ان دور ۾ خاص طور ٻڌائي هئي، جنهن دور ۾ هوءَ هن جو ڪلام اردوءَ ۾ ترجمو ڪري رهي هئي.
اها ڄامشوري جي شور ڪندڙ هوا واري رات هوندي. وي سي هائوس جي ڇپر ۾ ڪڏهن ڌيمي ۽ ڪڏهن تيز باهه زخمي نانگڻ وانگر وٽ کائيندي هوندي ۽ اياز سگريٽ جو ڪش هڻي فهميده کي سمجهائيندو هوندو ته لطيف جي ان سٽ ۾ ڪيئن لهجي؟
اها سٽ جنهن ۾ لطيف لکيو آهي:
”پهه پروڙيان پٿ،ڪينر منجهان ڪي“
ان ساحر سمي ۾ اياز جيئن پيئڻ کان پوءِ منهوڙي واري موڙ جي سمنڊ وانگر ڇوليون ڇوليون بڻجي ڇلڻ لڳندو هو. اياز جي ان انداز ۾ هڪ آرٽسٽ وانگر پيهي ويندڙ انقلابي شاعره لاءِ ڪنهن گهڙيءَ ته سموري ڄامشوري ۾ خاموشي ڇائنجي وئي هوندي ۽ هوءَ اياز جو آواز به نه ٻڌي سگهندي هوندي.ان پل دور ڪنهن لانگ ڪوٽ پاتل چوڪيدار جي هٿ ۾ کنيل ريڊيو تي لتا جو گيت ائين گونجندو هوندو، جيئن سون ۽ لکن ستارن سان سجايل هيءَ ڪائنات جيءَ جي نيري گهرائيءَ سان جهونگاريندي هجي!!
اڄ سياري جا پويان جهوٽا ڄامشوري جي وڻن کي ٻک هڻي ان وڃائجي ويل پل لاءِ پڪاريندا هوندا، جنهن پل رات جو دير پهاڙين تان لهندڙ هوا مٿان لتا منگيشڪر جو آواز ترندو ويندو هو.
”پنک هوتي تو اڙ آتي
رسيا او بالما تجهي دل ڪي داغ دکلاتي“
”ميري نينان ساون ڀادو
پهر بهي ميرا من پياسا“
”لگا جا گلي سي پهر يه حسين رات هو نه هو
شايد ڪه اس جنم مين ملاقات هو نه هو“
يا
”يارا سلي سلي برهه ڪي رات ڪا جلنا“
ٽٽل چوڙين سان پنهنجي ڪارائي جوڙڻ جي ڪوشش ڪرڻ واري اها سانوري نينگري جيڪا گذريل جنم جي گهٽيءَ ۾ ڪجهه وساري آئي هئي. اداس روح واري اها راڳي جيڪا پاڻ کي وجود جي قيد مان نڪري آتما جي رڻ کي اڪيرڻ واري مسافر سمجهندي هئي. جنهن کي صدائين جي پيرن سان ڪو وڏو ٿر ٿيلڻو هو.
ڇا ان راڳيءَ جي اها ياترا پوري ٿي؟
ڇا ان بادامي رنگ جهڙي ڇوڪريءَ کي پنهنجي منزل ملي؟
ڇا هوءَ جنمن جي دائرن مان نڪري سدائين لاءِ نرواڻ حاصل ڪري وئي؟
جيون هڪ سفر آهي. هر انسان پنهنجي پنهنجي ڪلا سان قدم کڻي ٿو. هر شاعر جو هر شعر هن جي وک آهي. هر مصور جو چٽ هن جو قدم آهي. لتا جو هر گيت هن جي پير جو هڪ سفر هو. مڌر سفر. پايل جي ڇم ڇم جهڙو. جهانجهر جي جهانءِ جيان ماحول جي ماٺ کي مات ڪندڙ قدم!!
گذريل ڏينهن اهو سفر پنهنجي انجام تائين پهتو پر ڪو ته هن کان پڇا ڪري ها، ڇا تون پنهنجي منزل جي ايترو قريب آهين؟ ايترو قريب جيترو قريب دشمن ملڪ جي جيل مان ڀڳل قيدي پنهنجي ديس جي سرحد ويجهو هوندو آهي جو هن کي سرحدي علائقي ۾سمايل ڳوٺ جون ڳهريل روشنيون به نظر اينديون آهن.
اها لتا جسماني طور تي هن جڳ ۾ باقي نه رهي آهي. جيڪا لتا 92 سالن جي عمر ۾ اسپتال داخل ٿي. هوءَ ڪيتري وقت کان وٺي اگهي هئي. هن جي باري ۾ سوشل ميڊيا تي هر ڏينهن سندس موت جا افواهه مينهن پڄاڻان پيدا ٿيندڙ پرن وارن جيتن جيان اڏامندا رهيا پر نيٺ انهن افواهن حقيقت جو هنڌ وتو ۽ هوءَ جسماني طور تي هلي وئي.
هوءَ جيڪا پاڻ سرن جي ستار هئي. هن جي ساهه جي تار ٻيانوي سالن تائين لرزندي رهي. اها تمام گهڻي ٿڪل هئي. ان کي به ته آرام کپندو هو. هوءَ پنهنجيون ٻاجهاريون اکڙيون ٻوٽي ايئن سمهي پئي جو هن کي وري ٻيهر نه اٿڻو هجي. ايندڙ جنم ۾ به نه!!
لتا جهڙا آرٽسٽ آخري جنم وٺي ايندا آهن. ۽ آخري جنم وٺي ويندا آهن. هو هڪ جنم ۾ سون جنمن جا سر وکيري ويندا آهن. هڪ هڪ جنم ۾ هزارن جنمن جا سور سهي ويندا آهن. لتا صرف گهٽ نه ڳالهائيندي هئي. لتا مسڪرائيندي به گهٽ هئي. هن جي اندر ۾ ڪو اٿاهه ڏک هو. هن جا نيڻ حسين هئا پر مغرور نه هئا. هوءَ نهٺن نيڻن واري هرڻي هئي. هن جون اکيون سموري رڻ جو رڙيون سنڀالي هلنديون هيون. هن جي اکين جي وٿين مان نظر ايندو هو، درد جو اهو درياهه جيڪو هن جي آتما ۾ آهستي آهستي وهندو رهندو هو. اهو درياهه جيڪو لڄارن لڙڪن جو هو. هوءَ جيڪا تمام گهٽ کلندي هئي پر جيڪڏهن ڪڏهن اتفاق سان هن جي سانوري مک مٿان ڪا مرڪ اچي به ويندي هئي ته ائين لڳندو هو، ڄڻ اها مرڪ جي پردي پويان لڙڪ لاڙي رهي آهي. هن جي جيون ۾ اهو ڪهڙو دک هو؟ ڪهڙو درد هو؟ ڪهڙو ڪرب هو؟ جنهن جي هن ڪڏهن به وستار سان واکيا نه ڪئي. هوءَ سدائين ڪجهه چوندي چوندي سانت ٿي ويندي هئي. هوءَ جنهن کي هڪ جڳ جهان جي سڀ کان خوشنصيب خاتون سمجهندو هو پر هن کي ان لتا جو پتو هو، جيڪا لڙڪن مان جڙي هئي. آخر ڪو ته سبب هو جو هوءَ آخري انٽريو ۾ به ٻيهر لتا منگيشنڪر نه ٿيڻ جي تمنا جو اظهار ٿي ڪيو. ڪهڙي ناري لتامنگيشڪر نه ٿيڻ چاهيندي؟ ننڍي کنڊ ۾ هزارين نه پر لکين اهڙيون نينگريون هيون، جن لتا جي انداز ۾ ڳائڻ جي ڪوشش ڪئي. جن جو خواب هو ته هو سموريون نه سهي پر ٿوڙيون به ”لتا جي“ جهڙيون ٿي سگهن. هو ان لاءِ پنهنجي جيون جو هڪ هڪ پراڻ قربان ڪرڻ لاءِ تيار هونديون هيون. هو جيڪڏهن انهن جيون ۾ لتا جو هڪ گيت به ليئو پائي ته هو پاڻ کي پنهنجي پيار لائق سمجهن ها. انهن تمام گهڻي ڪوشش ڪئي. پر شايد موسيقيءَ جي مڌرتا ۾ ”ڪوشش“ لفظ ڪنڊي جهڙو هجي ٿو. اردو ٻوليءَ ۾ ان ارپنا کي ”رياض“ ڪوٺيندا آهن پر هندي ٻوليءَ ۾ ان لاءِ تمام سندر ۽ سشيل لفظ آهي. هندي ٻوليءَ ۾ سرن جي سفر کي ”ساڌنا“ سڏيو ويندو آهي ۽ اهو لفظ سڀ کان وڌيڪ پنهنجي معنيٰ جي قريب محسوس ٿيندو آهي.
سو! لتا جي هڪ جهلڪ جهڙي ٿيڻ لاءِ لکن نارين پاڻ کي ڪلا جي ڪناري نچوڙيو، نپوڙيو، سڪايو ۽ ستايو!! پر ڪا لتا نه ٿي سگهي. ڪا لتا ٿي به نه ٿي سگهي. اهو ممڪن به نه هو ته ڪا لتا ٿي سگهي. هن جي ڀيڻ جنهن ساڳي ڪک مان جنم ورتو. جنهن جو آواز پرڪشش آهي. پر هن ۾ به ”لتا“ ٿيڻ جي ”آشا“ رهي. هوءَ به لتا ٿي نه سگهي.
۽ صرف لتا جو آواز مڌر نه هو. ننڍي کنڊ ۾ٻيون ناريون به سرن واري ڏات جا مهڪيل گلاب کڻي آيون. ڇا ثريا جو آواز سهڻو نه هو؟ ۽ گيتا دت ته گيتا دت هئي. هن جي ڳايل گيتن جي گونج اهڙي ڪرلائيندڙ ڪونج هئي، جيڪا صرف هن جو پتو ڏيندي هئي پر هوءَ تمام مڌر گيتن جا ڦول ڦهلائي به لتا نه ٿي سگهي.
لتا هڪ الڳ فنامنا (Phenomenon) هئي. هن جي جوڙجڪ ٻين جهڙي نه هئي. هونءَ ته هر انسان ٻي انسان کان نرالو هوندو آهي پر لتا جي لئه ۾ ڪجهه اهڙو هو، جنهن جو سحر صدين کي پنهنجي آغوش ۾ وٺي ڇڏيندو آهي. لتا ۾ آخر ڪجهه ته هو جو هندو اهو عام جام چوندا هئا پر ”لتا جي ڳلي مان ڀڳوان پاڻ ڳائي ٿو“
پر جڏهن لتا نيڻ ٻوٽي ڳائيندي هئي:
”جوتي ڪلش ڇلڪي
هوئي سنهري لال گلابي
رنگ دل بادل ڪي
جوتي ڪلش ڇلڪي“
تڏهن ديو لوڪ ۾ به هڪ ماٺ ڇائنجي ويندي هئي ۽ ان سانت ۾ صرف لتا جي آواز جون گهنٽيون گونجنديون هيون.
لتا ڪيترا گيت ڳاتا يا ڪيترن گيتن لتا کي ڳاتو؟ اهو ليکو ڪرڻ اجايو آهي. لتا جي سلسلي ۾ گيتن جو تعداد پروڙڻ به درست نه ٿيندو. ڇو ته اهو سوال ڪميت جو ناهي. اهو سوال ڪيفيت جو آهي. لتا تعداد نه هئي. لتا فرياد هئي. اهڙي فرياد جيڪي ڀونءَ تان ڀڙڪو ڏئي اڏامندي هئي ۽ ستارن سان سر ٽڪرائڻ لڳندي هئي. لتا صرف فن نه هئي. لتا فن جي فتح هئي. جيڪڏهن لتا فن جي فتح نه هجي ها ته ٻه قومي نظرئي تي پهرين ٻه ٽڪر ۽ پوءِ ٽي ٽڪر ٿيندڙ هن ننڍي کنڊ کي هن آخر تائين سرن سان ڪيئن سبي رکيو؟
لتا جي صدا ان پنڇيءَ جهڙي هوندي هئي، جيڪو پاسپورٽ وٺي ٻي ملڪ ۾ داخل نه ٿيندو آهي. لتا جي صدا ان پَون جهڙي هئي، جنهن کي ڪا به سرحد روڪي نه سگهندي هئي. هن جا گيت ۾ پاڪستان ۾ گهڙڻ لاءِ واگها بارڊر تي بيهي اجازت طلب نه ڪندا هئا. هوءَ آڪاش تان لهندي هئي ۽ ماڻهن جي من ۾ سمائجي ويندي هئي. هن جو وڇوڙو وقت جي هڪ وڏي دور جو وڇوڙو سمجهڻ گهرجي. لتا جو موڪلائي وڃڻ هڪ دور جي الوداع جهڙو لمحو آهي.
هن جي گيتن تي ملڪن ۽ مذهبن جومت ڀيد وساري ماڻهو محبت ۾ جهومڻ ۽ جرڪڻ لڳندا هئا. دل جي عميق احساسن سبب انهن جي نيڻن مان وهندڙ لڙڪ نه هندو هوند هئا ۽ نه مسلمان، نه سک ۽ نه عيسائي ۽ نه وري اهي ڪافر جيڪي فخر سان ٻڌائيندا آهن ته هو ڪنهن به عقيدي ۾ ويساهه نه رکندا آهن. پر هڪ ڪافر به قرب ۾ ڪسي سگهي ٿو.
لتا جي بابت، لتا جي گيتن باري ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي ليکڪا قرت العين حيدر به لکيو آهي پر هن جي باري ۾ جيڪو پروين شاڪر جو نظم آهي، سو ته پاڪ ڀارت سرحد جي مٿان سنگ مرر جي پٿر تي اڪرڻ جهڙو آهي. پروين شاڪر جو اهو نظم آزاد نظم جنهن ۾ هوءَ لکي ٿي ته:
اور لتا ڪي رس ٽپڪاتي، شهد آگين آواز ايسي اڀري
جيسي حبس زده ڪمري مين
دريا ڪي رخ والي کڙڪي کلني لگي هو
مين ني ديکا
جسمون اور چهرون ڪي تنائو
ان ديکي هاٿون ڪي ٺنڊڪ
پيار ڪي شبنم ڇڙڪ رهي ٿي
مسخ شده چهري جيسي ڦر سنور رهي ٿي
ميري نيشنليسٽ ڪوليگز هاٿون ڪي پيالون مين
ٺوڙيان رکي
ساڪتاور جامد بيٺين ٿين
گيت ڪا جادو بول رها ٿا
مشترڪه دشمن ڪي بيٽي
مشترڪه محبوب ڪي صورت
اجلي ريشم لهجون ڪي بانهين ڦهلائي
همين سميٽي
ناچ رهي ٿين!!“