اي ميرپور خاص جا عظيم ايس ايس پي

Pinterest LinkedIn Tumblr +

اي ميرپور خاص جا عظيم ايس ايس پي

اي ميرپور خاص جا عظيم ايس ايس پي
اعجاز منگي
جڏهن به سنڌ ۾ اهڙا شرمناڪ ۽ لونءَ ڪانڊاريندڙ واقعا رونما ٿيندا هئا، تڏهن مرحوم ف م لاشاريءَ جو هٿ پين جي طرف ايئن وڌندو هو، جيئن هڪ جهيڙاڪ جو هٿ پستول جي طرف وڌندو آهي!!
فقير محمد لاشاري اهڙن واقعن جي مذمت لفظن ۾ ويڙهي نه ڪندو هو. هن جي لفظن جون گوليون پهرين قانون نافذ ڪندڙ عملدار جي پيشانيءَ جو نشانو پڪڙينديون هيون !!
اهڙن واقعن تي پهرين ته هو اعليٰ پوليس عملدار جو ورديءَ وارو گريبان پڪڙي هن کان پڇندو هو ”اي عظيم ايس پي“ ٻڌاءِ ته تنهنجي هوندي نياڻين جي مٿان اهڙو اتياچار ڪيئن ٿيو؟
جيڪڏهن فقير محمد لاشاري اڄ به جيئرو هجي ها ۽ هن جي ادارت ۾ ”جاڳو“ اخبار شايع ٿيندي هجي ها ته هو ميرپور خاص جي ايس ايس پي ڪيپٽن چوڌري اسد سان مخاطب ٿي لکي ها:
”اي ميرپور جا عظيم ايس ايس پي!
جيڪڏهن تون حڪومت کي گول مول جواب ڏيڻ مان فارغ ٿيو آهين ته ڪجهه گهڙيون عوام جي ڪٽهڙي ۾ به اچ ۽ ٻڌاءِ!
ٻڌاءِ! ته 17 سالن جي فضا ۽ 13 سالن جي ڪنول کي اغوا ڪرڻ وقت ڪيتريون گوليون هلايون ويون؟
۽ انهن گولين جي گونج تنهنجي ڪنن تائين ڇو نه پهتي؟ جيڪڏهن اهي معصوم نياڻيون ڪنهن ايم پي اي ۽ ڪنهن ايم اين اي يا ڪنهن پيپلز پارٽيءَ جي مقامي اڳواڻ جي گهر جون ناريون هجن ها ته ڇا قانون کي حرڪت ۾ ايندي ايتري دير لڳي ها؟
رورل هيلٿ سينٽر جي ڊاڪٽر زبيده جي رپورٽ ۾ انهن لفظ جو به اضافو ٿيڻ گهرجي ته ”هر عورت جا جو جسم ئي هڪ جهڙو نه هوندو آهي پر هر عورت جي عزت به هڪ جهڙي هوندي آهي!!“
پر تون هڪ وردي پوش روبوٽ آهين؟ تون ڇا ڄاڻين غريب نياڻين جي اڊڙيل احساسن کي!
توکي ڪهڙي خبر ته غريبن وٽ خالي پيٽ، ڦاٽل ڪپڙن سان گڏ هڪ عزت به هوندي آهي. اها عزت جيڪا تار تار ڪئي وئي!
تنهنجي قانوني حڪومت ۾ اگهاڙين پيرين نياڻين جي پيرن ۾ ٻٻر جا ڪنڊا لڳندا رهيا. انهن جو رت وهندو رهيو!!
۽ ان مهل انهن جي اکڙين جا لڙڪ سڪي ويا هئا، جڏهن انهن جا لٽا ايتري زور زبردستيءَ سان لاٿا ويا جو اهي پراڻيون پوشاڪون ڦاٽي ويون هيون!!
ڇا تو پنهنجي ايف آءِ آر ۾ اهو درج ڪرايو آهي ته لڄالٽ وقت نياڻين جي زخمي چپن مان ڪهڙيون فريادون ڦٽيون؟
انهن مدد لاءِ ڪنهن کي پڪاريو؟
۽ اهو به ڇو نه آيو؟؟
اي ميرپور خاص جا عظيم ايس ايس پي!
نياڻيون ته تنهنجي پنهنجي گهر ۾ به هونديون. نياڻيون ته هر گهر ۾ هونديون آهن.
اي ميرپور جا عظيم ايس ايس پي!
ڪاوڙ نه ڪر. شرم ڪر.
ڪاوڙ حرام ۽ شرم حلال آهي!
اي ميرپور خاص جا عظيم ايس ايس پي!
توکي ته خبر هوندي. تون ئي ٻڌاءِ. ڪيترا پوليس وارا آهن هن سسٽم ۾ جيڪي حرام ۽ حلال جي تعليم تي عمل ڪندا آهن؟
آڱرين تي ڳڻڻ جيترا
ڇا اهي ايترن آڱرين جيترا آهن؟
جنهن سان هن جمهوريت کي
گهروڙي ڀونڊو ڏئي سگهجي؟
اي مير پور جا عظيم ايس ايس پي…………!!

Share.

Leave A Reply