Saturday, September 21

مقتول نياڻين جي لاشن مٿان خودڪشيءَ جي چادر نه وجهو

Pinterest LinkedIn Tumblr +

News

مقتول نياڻين جي لاشن مٿان خودڪشيءَ جي چادر نه وجهو


ڪراچي(پريس رليز) پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن غنويٰ ڀٽو پنهنجي بيان ۾ ان رپورٽ تي سخت صدمي ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي، جنهن رپورٽ ثابت ٿيو آهي ته چانڊڪا ۾ قتل ٿيل ٻن ڊاڪٽر نياڻين جو نه صرف ريپ ٿيو هو پر انهن کي ريپ ڪندڙ شخص ساڳيو ئي هو. غنويٰ ڀٽو پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن ڊاڪٽر نمرتا جي لاش مٿان خودڪشيءَ جي چادر وجهي ان جو اگني سنسڪار نه ڪيو وڃي ها ته ڊاڪٽر نوشين ساڳي درندي هٿان ڀيانڪ انجام جو شڪار نه ٿئي ها. غنويٰ ڀٽو پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته نياڻين جا ڪٽنب سماج جا مهڻا سهي ۽ قربانيون ڏئي انهن کي مسيحا بڻائڻ لاءِ ميڊيڪل ادارن ۾ موڪلين ٿا ۽ انهن کي سندن ريپ ٿيل لاش ملن ٿا. هن وڌيڪ چيو آهي ته جاري ڪيل رپورٽ نه فقط انتظاميا جي غفلت نما گناهن کي پڌرو ڪيو آهي پر ان رپورٽ ان سرڪار جي منهن تان به انسان دوستيءَ جو ماسڪ رهڙي لاٿو آهي، جيڪا عام طور عوام ۽ خاص طور تي عورتن جي تحفظ جي ڪوڙي هام هڻندي نه ڪو شرم محسوس ٿي ڪري ۽ نه ان کي ڪو حياءُ ٿو اچي. ڇا هن رپورٽ کان پوءِ انتظامي اهلڪارن کي پنهنجين ڪرسين تي ويهڻ جو حق هجڻ گهرجي؟ نه هرگز نه!!
پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي سربراهه هڪ طرف پوري پارٽيءَ کي پوري ملڪ ۾ احتجاج جي هدايت ڪئي آهي ۽ ٻي طرف انهن سڀني ڪردارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ گهلي آڻڻ جو مطالبو ڪيو آهي جن قتل کي خودڪشي قرار ڏنو ۽ قاتل کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي۔

Share.

Leave A Reply