Saturday, September 21

ڇا مان شهيد نمرتا ۽ نوشين جا پير چمان؟

Pinterest LinkedIn Tumblr +

Opinion

ڇا مان شهيد نمرتا ۽ نوشين جا پير چمان؟
اعجاز منگي
مون کي اجازت ڏيو
نمرتا ۽ نوشين جا پير ڇهڻ جي
۽ جيڪڏهن اوهان وٽان اجازت نه ملي
پوءِ مان ڇهندس ٻنهي نياڻين جا پوتر پير
اهي پيارا پير جيڪا هلندا هئا
۽ جيڪي رقص ڪندا هئا
اهي پير جن جيون جو ڪٺن سفر ڪيو
سنڌ جي رهزن سماج جي رذيل راهن تي
اهي پير ننڍڙا آهن پر انهن وڏو سفر ڪيو آ
ولادت کان شهادت تائين
اهي پير مري وڃڻ سبب ڪجهه کهرا ٿي ويا آهن
اهي پير جن جي مقدر ۾ مينديءَ جا گل به نه آيا
اهي پير جيڪي زماني زخمي ڪيا
اهي پير گهايل آهن
اهي پيرا سفر جي مٽيءَ سبب ڪجهه ميرڙا آهن
ڇا مان انهن پيرن کي پنهنجي اکين جي ڳوڙهن سان ڌوئان؟
ڇا مان انهن پيرن مٿان شاهه جا بيت پڙهي روئان؟
ڇا مان انهن پيرن کي چوان ته هاڻي ستارا لتاڙيو
ڇو ته ڌرتيءَ جي ڌوڙ شرمندي آهي!!
اهي پير جيڪي ڦاسيءَ جي ڦندي ۾ آخر تائين لڇيا
اهي پير اهي پير جيڪي ڪلاس رومن ۾ رليا
اهي پير جيڪي گرم راتين ۾ ٿڌي هير ٿي گهليا
اهي پير جيڪي ڀونءِ مٿان ڪڏهن به نه ڀليا
اهي پير جيڪي سرد راتين ۾ جورابا پائيندا هئا
اهي پير سڙي رک ٿي ويا
اهي پير ڳري مٽي ٿي ويا
اهي پير جن جا نشان سرزمين سنڌ جا سدا ساوا زخم آهن
ڇا مان انهن پيرن مٿان پنهنجو ماٿو ٽيڪيان؟
اهي پير جيڪي مئل پکيءَ جي پنجن وانگر وڪڙيل آهن
اهي پير جن ۾ اڏامڻ جي آشا هئي
اهي پير جن ۾ مري وڃڻ جي نراشا آهي
اهي پير اسان جي نياڻين جا هئا
سهڻين سياڻين جا هئا
اهي پير اڻ ڄاول ٻارن جي مائرن جا هئا
اهي پير آخر جنت ٿي ڇو نه سگهيا؟
ڌرتيءَ جي دوزخ ۾ سڙي ويل نمرتا جا پير
ڌرتيءَ ۾دفن ٿيل نوشين جا پير
اهي پير ڀٽائيءَ جا لڇندڙ بيت آهن
اهي پير شعور جي شعلا شعلا شاعري آهن
اهي پير حڪمت جو گس ۽ حقيقت جو پنڌ آهن
اهي پير سڙيءَ سنڌ جو سڏڪندڙ سوگنڌ آهن
اهي پير، پير ناهن
اهي پير پيرا آهن
پکين جا واهيرا آهن
اهي پير مڪليءَ جون قبرون آهن
اهي پير سنڌ جون بي صبريون آهن
اهي پير موهن جي دڙي جو داستان آهن
ته اهو ڪئين برباد ٿيو
اهي پير پيرن جي مذارن جون اگر بتيون آهن
اهي پير سنهڙا، سهڻا ۽ سگنڌيل آهن
اهي پير جيڪي ڪڏهن پريشان هوندا هئا
اهي پير اڄ به پريشان آهن.
اهي پير جن جي لاءِ منزلون اداس ۽ حيران آهن
اهي پير جن کان سواءِ سنڌ جا شهر سنسان آهن
ڇا مان انهن پيرن کي به نه چمان؟
جيڪي رت ڳاڙيندي به رقص ڪندا رهيا
اهي پير جيڪي ڪارونجهر جا مور هيا
اهي پير جيڪي گهٽائون گهنگھور هيا
اهي پير جيڪر اڄ اسان جي پنبڻين ۾ اٽڪيل آهن
اهي پير جيڪي روئڻ جي بهاني جهڙو ڪو ڪک آهن
اهي پير غسل ٿا چاهن، لڙڪن جو!
اهي پير غلاضتن جي گهٽين ۾ هليا
اهي پير اجرا آهن ڪمرڪ جي ٿان جهڙا
اسان جي اڌوري ايمان جهڙا
اهي پير پاڪ آهن
هن ناپاڪ دور ۾
اهي پير پياڪ آهن
هن مجرم مئخاني ۾
اهي پير خواب آهن
خواب جو به خواب آهن
اهي پير درد آهن
اهي پير درمان آهن
اهي پير شرم ناهن
اهي پير شان آهن!!
ڇا مان اوهان کان اجازت گهران؟
ڇا مان انهن پيرن کي چشمن سان چمان؟

Share.

Leave A Reply