Saturday, September 21

ڪتاب ”سنڌي هندن جي تاريخ“ باب اوڻويهون ليڪک ڀيرومل مهر چند!! شوقين شھر شڪارپور!! شڪارپور جو وسڻ؛

Pinterest LinkedIn Tumblr +

ڪتاب ”سنڌي هندن جي تاريخ“ باب اوڻويهون ليڪک
ڀيرومل مهر چند!!
شوقين شھر شڪارپور!!
شڪارپور جو وسڻ؛

شوقين شھر شڪارپور!!
شڪارپور جو وسڻ؛
شڪارپور ۾ اڳي گهاٽا ٻيلا لڳا پيا هوندا هئا اهو دائود پوٽن جو شڪارگاھ هيو ڳوٺ لکي کان وٺي خانپور تائين سمورو ملڪ سندن هو. اوٻاوڙي جي مهر ذات وارن کائن لکي ڳوٺ کسيو تہ دائودپوٽن ساڻن وڙھي اهو واپس ورتو، انهي سوڀ جي يادگيري قائم ڪرڻ لاء هتان جا ٻيلا وڍائي 1617ع ۾ شھر ٻڌائون جو شڪارپور سڏجي ٿو، پنجاب مان آيل هندن مان اول چئن آڪهين وارا شڪارپور اچي رهيا جنهن ڪري اڄ تائين چون تہ ”چگھ، ماکيجا، چاؤلا ۽ چوٿين ذات بجاج“؛
شڪارپور جو واپار؛
شڪارپور جو نئون شھر وسيو تہ ماڻھن لاء پهريان تہ کپي کاڌو، پري پري جا زميندار وهٽن تي اَن لڏائي شڪارپور ڏانهن وڪري لاء موڪليندا هئا پوء شڪارپورين پاڻ ايتري تہ اَن پوک ڪئي جو اڄ بہ ڏسو تہ شڪارپور ۾ اسٽورگنج کانپوء وڏي شاهي اَن بازار آھي شڪارپورين باغ بہ پوکايا، تہ ڀاڄيون ۽ ڦل ڦول بہ جام ٿيا، ڳوٺ لکي، ڳڙھي ياسين ۽ ٻين آس پاس وارن ڳوٺن ۾ ڪوري اڳيئي هئا لکي جي جوڙي (هاڻ عام طرح چئون کاڌي) ۾ لکي جا ڪوري مشھور هوندا هئا اهي سهڻيون سوسيون بہ اُڻندا هئا جنهن جو تر ڳاڙھو ۽ ڪارو هوندو هو، اڇي جوڙي اُچي توڙي سادي جلندر کان بہ ايندي هئي، جلندر کان قافلا ايندا هئا ڪپڙي جو ڪاروبار گهڻو ئي هلندو هو، بخاري کان بخاري ڇٽيون،بخاري قناويز، گلبدن، گلبهرا، اطلس ۽ ڪيمخاب آڻي سنڌ ۾ چالو ڪيائون تہ ڏيهاڙي هزارها روپين جي وڪري تہ رڳو انهن ريشمي ڪپڙن مان ٿيندي هئي، بخاري کان ڦيروان ڪلف بہ آندائون، جن جو بہ سڄي سنڌ ۾ چڱو کاپو ٿيڻ لڳو، بندر عباس ايران جي حد ۾ آھي، تنهن مان اڪثر غاليچا آڻيندا هئا ايراني غاليچا سنڌ ۾ شڪارپورين مشھور ڪيا ايراني غاليچن جو واپار وڏي پيماني تي هلندو هو ۽ انهي واپار ڪيترن شڪارپورين کي ساڄو ڪري ڇڏيو، بندر عباس سان واپار ڪرڻ ڪري پاڻ بہ ”بندري“ ڪوٺجڻ ۾ آيا جهڙوڪ سيٺ چيتنداس بندري، ميان دين محمد ڪلهوڙي جي ڏينهن ۾ شڪارپور ۽ سبيء جا حاڪم پنيء جا افغان هئا تنهن ڪري هاڻوڪن شڪارپورين جا وڏا پٺاڻن سان وڻج واپار تي هريل هوندا هئا،ميان نورمحمد ڪلهوڙي پنهنجي صاحبي جي اوائل ۾ سبيء وارو پاسو پنهنجي تابعي ڪيو؛ پر 1737ع نادر شاھ بادشاه کانئس سبي کسي اتي هڪ افغان حاڪم مقرر ڪيو ايئن شڪارپورين جو پٺاڻن سان وڻج واپار جو ناتو هلندو آيو پشتو ٻولي بہ چڱي سکي پيا، ڪوئيٽا ۽ چمن جي وچ ۾ قلعو عبدالله آھي اتي جي پٺاڻن سان ميوي جو سودو ڪرڻ لڳا پٺاڻن کي چڱو لاڀ ٿيو تہ هنن جي ڏاٺ هري، پوء تہ ڪيترا پٺاڻ پاڻمرادو سائو توڙي سڪو ميوو گيھ، پشم، ڪچو ريشم ۽ رنگ وغيره قنڌار ۽ ٻين هنڌن مان آڻيندا هئا، شڪارپوري ڪچو ريشم ڪتائي ۽ رڱائي، سنڌ ۾ ٻين هنڌ موڪليندا هئا، جنهن مان لونگيون،گربيون ۽ ٻيا ريشمي ڪپڙا ٺھندا هئا، اهو واپار بہ چڱو ئي هلندو هو۔
هاڻوڪي شڪارپور جي ريلوي اسٽيشن ڀرسان ”قلعو قافلو“ اڃان تائين آھي پٺاڻن جا قافلا اتي ايندا هئا ۽ واپاري سودو بہ اتي ڪندا هئا قلعي قافلي ڀرسان صدر آھي، انگريزن جي صاحبي جي اوائل ۾ گهوڙن جون شرطون ۽ ملاکڙا انهي صدر ۽ قلعي قافلي وٽ لڳندا هئا ۽ گهوڙن جي خريد فروخت ٿيندي هئي، شڪارپوري انهي قلعي قافلي وٽان پنهنجا قافلا هيڏانهن سکر ۽ هوڏانهن ڪراچي موڪليندا هئا،ليفٽينٽ پوسٽنس ڄاڻايو آھي تہ انگريزن سنڌ فتح ڪئي تنهن کان اڳ شڪارپور جي واپار مان ميرن کي54737 روپيا روينيو طور مليا هئا،
1878ع ۾ ڪوٽڙي کان خانپور تائين آگ گاڏيون هلڻ لڳيون ۽ 1880ع کان وٺي 1888ع کان وٺي رُڪ اسٽيشن کان وٺي سبيء تائين ريل جو رستو جوڙي تيار ڪيائون تہ شڪارپورين واپار کي هيڪاري وڌايو نہ تہ پٺاڻ پنهنجي سِر ميوي وغيره جي واپار کي ايترو زور وٺائي ڪين سگهن ها.شڪارپور جا واپاري پٺاڻن کي رڳو پڳو روڪ ناڻو ڪين ڏيندا هئا ميوي وغيره جي عيوض کين ڪپڙو، مرچ مصالا، پٺاڻي گهيتلا(ملتان جا جڙيل) وغيره ڏيندا هئا ايئن جنسن جي مٽا سٽا ٿيندي هئي جنهن مان خريد توڙي فروخت ۾ شڪارپورين کي چڱو لاڀ ٿيندو هو،شڪارپوري نہ رڳو واپار ۽ کيتيء مان پُر ٿيا پر صرافڪي ڌنڌي(بينڪنگ) به کين ساڄو ڪيو، بخاري مان جيڪو ناڻو ايندو هو، سو سمورو بجاج آڪھ معرفت،هن وقت ڪيترن شڪارپورين جو اهو هڪ مکيا ڌنڌو آھي.ڳچ ورهين کانپوء حالتون ڦريل ڏسي شڪارپورين بلخ ۽ بخاري وڃڻ ڇڏي ڏنو آھي ڪي ڪوئيٽا ۽ سبي ۾ آھن پر گهڻا ڪراچي، بمبئي، مدراس ۽ هندوستان جي ٻين وڏن شھرن ۾ وڻج واپار ڪن ٿا، شڪارپور جا صراف سڄي هندوستان ۾ پکڙيل آھن ۽ ڪروڙھا روپيا شاهوڪاري وياج تي ڏيئي واپار، هنرن ۽ ڪاريگرن کي همٿائيندا آھن پيسو جام ڪمايو اٿن تہ پنهنجي شھر کي بہ اهڙي رونق وٺائي اٿن جو اڄ شڪارپور جو رڳو لکيدر بہ لک لهي! ويم گهر، اکين جي اسپتال ۽ ٻين سنسٿائن بلي بہ گهڻو ئي پيسو خرچ ڪيو اٿن،شڪارپوري راڳ جا شوقين آھن هنديء سان بہ چاھ اٿن سڄي سنڌ کي ”سامي جا سلوڪ“ شڪارپور مان مليا آھن وديا لاء چاھُ اڳي کان گهڻو اٿن، تنهن ڪري ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين لاء گهڻيئي اسڪول کوليا اٿن، سڄي اپر سنڌ ۾ رڳو شڪارپور ۾ آرٽس ڪاليج آھي۔

Share.

Leave A Reply