Saturday, September 21

جيڪا هارين جو قتل عام ڪرائي، اها جمهوري حڪومت ناهي

Pinterest LinkedIn Tumblr +

News

جيڪا هارين جو قتل عام ڪرائي، اها جمهوري حڪومت ناهي

جيڪا هارين جو قتل عام ڪرائي، اها جمهوري حڪومت ناهي
ڪراچي (پريس رليز) پاڪستان پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي چيئرپرسن محترمه غنويٰ ڀٽو نواب ولي محمد ۾ هارين جي قتل عام تي سخت احتجاج جو اظهار ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪا سرڪار هارين جي قاتلن جو ساٿ ڏئي، اها ڪنهن به صورت ۾ جمهوري ٿي نه ٿي سگهي. سنڌ جي ماڻهن کان شهيدن جي نالي ۾ ووٽ وٺي زرداري مافيا جهڙي ريت پوري سنڌ ۾ ويڙهايو ۽ راڄ ڪريو واري پاليسي اختيار ڪري چڪي آهي، ان سان سنڌ جي پرامن سرزمين گهرو ويڙهه جي ور چڙهي سگهي ٿي. محترمه غنويٰ ڀٽو پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو آهي ته پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ ملڪ جي قبيلن ۽ ذاتين کي هڪ ٻئي هٿان قتل ڪرائڻ وارو ڪڌو ڪم ته انگريزن به نه ڪيو هو. اها رهزن روايت جنرل ضياءَ وڌي هئي ۽ ان روايت کي هاڻي ضياءَ جو سياسي وارث آصف زرداري اڳتي وڌائي رهيو آهي. پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) جي سربراه چيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو حڪومت پنهنجيون ذاتي زمينون هارين ۾ ورهائي گهٽايون هيون پر زرداريءَ جي حڪومت هارين کان زمينون کسي پنهنجيون زمينون واڌيون آهن، ان مان ثابت ٿئي ٿو ته ڪنهن جي ڪهڙي سياست آهي؟ ڪير جمهوري آهي ۽ ڪير زرداري آهي؟ زرداري جمهوريت جو ضد آهي. آصف زرداري نه صرف جمهوريت پر عوام جو به دشمن آهي. هن وقت امن ۽ انصاف جي لاءِ عوام کي زرداريءَ جي ظلم خلاف ڀرپور جدوجهد ڪرڻي پوندي. پيپلز پارٽي (شهيد ڀٽو) پاڻ به مظلوم آهي ۽ اها ڪالهه به مظلومن سان گڏ هئي ۽ اڄ به مظلومن سان گڏ آهي ۽ سڀاڻي به مظلومن سان جدجهد ۾ شامل رهندي.

Share.

Leave A Reply