عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

Pinterest LinkedIn Tumblr +

عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽو پاران وڌندڙ بدامني خلاف احتجاج

 

 

 

 

مڪلي/ ٺٽو :
عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي جي اڳواڻ ڪامريڊ رزاق چانڊيو جي گھر مان ٿيل چوري ۽ ضلعي ٺٽي جي وڌندڙ بدامني خلاف عوامي تحريڪ ضلعي ٺٽي طرفان عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ مٺا خان لاشاري، ضلعي صدر گنهور خان زئور، رزاق چانڊيو، بلاول لاشاري، شاھ محمد چانگ، مجاهد بلوچ، سنڌ ڪلچرل فورم چيئرمين صادق لاکو، جيئي سنڌ محاذ ضلعي صدر امجد شورو، حميد خشڪ، رزاق ڪلمتي، صدام چانگ، لال چند مهيشوري، اسلم سمون، غلام حيدر لاشاري، فيض سنڌي، امين ڪلمتي، عبدالرحيم ملڪاڻي، خدا بخش لاشاري، ماما رب ڏنو نوحاڻي، ڪامريڊ پنھون بلوچ، آفتاب بلوچ، منير چانڊيو، ڪامريڊ ﷲ بخش بلوچ، راشد علي چانڊيو، ڪامريڊ رحيم سنڌي، محمد چانڊيو، امير هنڱورو، صابر چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ مڪلي پارڪ کان ريلي ڪڍي مڪلي ٿاڻي اڳيان ڌرڻو هڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي،
احتجاجي مظاهري ۾ اڳواڻن ڳالهائيندي چيو ته عوامي تحريڪ اڳواڻ رزاق چانڊيو جي گهر مان ٿيل چوريءَ ۾ ملوث جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري چوري ٿيل سمورو سامان واپس ڪرايو وڃي، هنن وڌيڪ چيو ته رزاق چانڊيو جي ٿيل چوريءَ کي پنج ڏينهن گذري ويا آهن پر مڪلي پوليس ڪک پڃي ٻيڻو ناهي ڪيو، ٺٽو ضلعو بدامني جي ور چڙهي ويو آهي هتان جي انتظاميا رئيسن ۽ وڏيرن جي ونگارو بڻيل آهي جنهن سبب چورن ۽ ڏوهارين کي ڦل ڇوٽ مليل آهي،
هنن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد، ايس ايس پي ٺٽو ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته عوامي تحريڪ اڳواڻ رزاق چانڊيو جي گهر مان ٿيل چوري ۾ ملوث جوابدارن کي فورن گرفتار ڪري چوري ٿيل سمورو سامان واپس ڪرايو وڃي

Share.

Leave A Reply