ڪوٽڙي جي نوجوان صحافي زيب کوسي کي معذرو ٿيڻ کان بچائڻ لاء متاثر صحافي سميت سينئر صحافي غلام حسين زخمي، سماجي اڳواڻ آصف لاشاري ۽ ٻين ڄامشورو پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو
احتجاج دوران زيب کوسي جو چوڻ هيو ته 4 سال اڳ هڪ روڊ حادثي ۾ ٽنگ کي زخم رسيا آهن جنهن جو بهتر علاج نه ٿيڻ سبب سندس تڪليف وڌي وئي آهي،
سوشل ميڊيا تي معاملو اچڻ بعد هيلٿ کاتي هڪ ميڊيڪل بورڊ جوڙيو جنهن ٽنگ جو فوري آپريشن نه ٿيڻ جي صورت ۾ ٽنگ ڪٽجڻ جو خدشو ڏيکاريو آهي،
زيب کوسي موجب علاج لاء بورڊ ست لک خرچ جو تخمينو لڳايو آهي جنهن جي سمري وزير اعلي’ وٽ پيل آهي پر وزير اعلي’ اها سمري منظور نٿو ڪري، زيب کوسي موجب هو گهر جو اڪيلو ڪفيل آهي ۽ صحافت ڪرڻ سان گڏ اخبارون وڪڻي ٻچن جو پيٽ پالي ٿو پر تڪليف وڌي وڃڻ ڪري هاڻ هو اخبارون وڪڻڻ کان به لاچار آهي جڏهن ته سندس فوري طور آپريشن ۽ بهتر علاج نه ٿيو ته هو هميشه لاء اپاهج بڻجي ويندو،
صحافي زيب کوسي اپيل ڪئي ته سندس علاج جي سمري منظور ڪري سندس آپريشن ڪرڻ سان گڏ سندس مالي سهائتا به ڪئي وڃي.