دادو: ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث رھندڙ وڌيڪ 8 ڏوھارين پاڻمرادو پيش ٿي ساک تي آئينده لاءِ ڏوھن کي الوداع چئي ڇڏيو
دادو: ڏوھاري سرگرمين ۾ ملوث رھندڙ وڌيڪ 8 ڏوھارين پاڻمرادو پيش ٿي ساک تي آئينده لاءِ ڏوھن کي الوداع چئي ڇڏيو.
ايس ايس پي دادو عرفان علي سمون صاحب پاران ڏوھارين کي ڏوھن جي دنيا ڇڏي پيش پئي شرافت جي زندگيءَ بسر ڪرڻ واري آڇ بعد ڪيترن ئي ڏوھارين پاڻمرادو پنھنجون گرفتاريون پيش ڪيون
جڏھن تہ ڏوھاري رڪارڊ رکندڙ ڏوھارين پاران پيش ٿي قسم ساک تي ھميشہ لاءِ ڏوھن کان ڪنارو ڪرڻ جو وچن پڻ ڪيو پيو وڃي
ان سلسلي ۾ ميھڙ ۽ رڪڻ ٿاڻن تي 8 ڏوھارين پيش ٿي قرآن پاڪ تي ھٿ رکي شرافت جي زندگي گذارڻ جو وچن ڪيو آھي.
مختلف ڏوھن جي ڪيسن ۾ اڳ چالان ٿيل ڏوھاري اعظم سولنگي، منور جانوري، ممتاز جانوري، برڪت جانوري ۽ وحيد جانوري ميھڙ ٿاڻي تي ڊي ايس پي ميھڙ محمد يونس رودناڻي وٽ پيش ٿيا.
ٻئي پاسي ٽي ڏوھاري نواز برھماڻي، نظام برھماڻي ۽ غلام مصطفیٰ برھماڻي رڪڻ ٿاڻي تي پيش ٿيا،
ڄاڻايل 8 ئي ڏوھارين پوليس وٽ پيش ٿي قرآن پاڪ تي ساک کڻندي اڳتي لاءِ ڪنھن بہ ڏوھ ۾ شامل نه ٿيڻ جو قسم کڻي ڇڏيو آھي
اھڙي عمل تي دادو پوليس پاران سندن کي سڌرڻ جو موقعو ڏيندي کين شرافت جي زندگيءَ گذارڻ ۽ ڪنھن بہ شريف شھري لاءِ آزار نه بڻجڻ جو پابند ڪيو ويو آهي.
______________
ᴘʀᴏ ᴛᴏ ssᴘ ᴅᴀᴅᴜ
*Irfan Ali Samo, ᴘsᴘ*