سپريم ڪورٽ بي اعتمادي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي: چيف جسٽس

Pinterest LinkedIn Tumblr +

سپريم ڪورٽ بي اعتمادي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندي: چيف جسٽس

اسلام آباد: چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال چيو آهي ته بي اعتمادي واري رٿ تي آئين تحت عمل ٿيڻ گهرجي، عدالت کي ان ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. سپريم ڪورٽ بي اعتمادي ۽ سياسي معاملن ۾ مداخلت نه ڪند.  سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن طرفان بي اعتمادي واري ڏينهن تي ٽڪراءَ جي خطري کي نظر ۾ رکندي آئيني درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم، گهرو وزارت، بچاءَ واري وزارت، آءِ جي اسلام آباد، ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد ۽ اسپيڪر کي ڌر بڻايو ويو هو. سپريم ڪورٽ ۾ چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ بار ايسوسي ايشن جي آئيني درخواست تي ٻڌڻي ٿي.

ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان رمارڪس ڏيندي چيو ته جيستائين بي اعتمادي جي رٿ جو تعلق آهي ته اهو سياسي عمل آهي، بي اعتمادي جي رٿ تي آئين تحت عمل ٿيڻ گهرجي، عدالت کي ان ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. اميد ته سياسي ڌريون تحمل جو مظاهرو ڪنديون. ان تي اٽارني جنرل چيو ته ايندڙ آئين ۽ قانون تي سختي سان عمل ڪيو ويندو.

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته مخالف ڌر کي چونداسين ته قانون تي عمل ڪيو وڃي، اٽارني جنرل صاحب توهان 63 اي ۾ ريفرنس داخل ڪري رهيا آهيو.

چيف جسٽس پاڪستان چيو ته عدالت قومي ادارن کي تحفظ فراهم ڪرڻ يقيني بڻائيندي، اٽارني جنرل صاحب توهان 63 اي بابت عدالت جي راءِ چاهيو ٿا.

جسٽس عمر عطا بنديال وڌيڪ چيو ته پارليامينٽ ۽ پارليامينٽ جو احترام ڪيو ويندو آهي پر عدالت جو پليٽ فارم ڪنهن به پارٽي کي استعمال ڪرڻ جي اجازت نه ڏينداسين ان کي خراب ڪرڻ لاءِ، عدالت آئين تحت قانوني سوالن جا جواب ڏيندي.

Share.

Leave A Reply