عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا نه ڪري ها: آصف زرداري

Pinterest LinkedIn Tumblr +

عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا نه ڪري ها: آصف زرداري

 

 

 

 

 

 

 

 

 

 اسلام آباد:  پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي صدر آصف علي زرداري سنڌ هائوس تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جي حملي جي مذمت ڪئي آهي

  آصف زرداري چيو آهي ته عمران خان وٽ نمبر پورا هجن ها ته پارليامينٽ لاجز ۽ سنڌ هائوس تي حملا ڪرڻ بدران ايوان ۾ اچي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪري ها

هن چيو ته عمران خان سنڌ هائوس تي حملو نه ڪيو پر وفاق ۾ سنڌ جي علامتي نشان تي حملو ڪري اصل ۾ سنڌ تي حملو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، عمران خان اڄ پاڪستان جي وفاقي تشخص کي نقصان پهچايو آهي، اهو ناقابل برداشت آهي

اڳوڻي صدر چيو ته  پاڪستان جو عوام ڏسي رهيو آهي ته ڪير جمهوري قدرن جو مالڪ آهي ۽ ڪير انتشار پکيڙي ملڪ کي انتشار ڏانهن ڌڪڻ چاهي ٿو

Share.

Leave A Reply