ننڍڙا، چمڪيلا موتي

Pinterest LinkedIn Tumblr +

ننڍڙا، چمڪيلا موتي

صائمہ کتري

 

 

 

 

 

 

 

 

 آمريڪن شاعر ۽ هارورڊ يونيورسٽي جي پروفيسر هينري لونگ فيلو پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو هو: “ اوهه ! هي دنيا اسان لاءِ ڇا هجي ها جيڪڏهن هن ۾ ٻار نه هجن ها. اسان پنهنجي پويان هڪ خوفناڪ ريگستان ڇڏيون ها، جيڪو پهرين کان به وڌيڪ اونداهو هجي ها.  ٻار ايئن آهن جيئن جهنگ لاءِ پن هوندا آهن ۽ کاڌي ٺاهڻ لاءِ روشني ۽ هوا ضروري آهي.”

ٻار يقينن هن ڪائنات جي لاءِ قدرت جي خزانن مان هڪ نعمت آهي. دنيا جي باغ ۾ ٻار رنگا رنگ گلن جيان آهن، جنهن جون مرڪون ۽ ٽهڪ گھڻن ئي لاءِ جياپي جو سبب هجن ٿا. جڏهن ڪنهن جوڙي جي شادي ٿيندي آهي ته ڪجهه ئي  عرصي ۾ هن جي اڱڻ تي اهي بهارون پنهنجي آب و تاب سان نظر اينديون آهن. پر ڪجھه جوڙا اهڙا به هوندا آهن جيڪي هن ننڍڙن چمڪيلن موتين کان محروم هوندا آهن.

   اڪثر اهو ڏٺو ويو آهي جنهن کي ٻار نٿو ٿئي ان لاءِ عورت کي ذميوار قرار ڏنو ويندو آهي. ڪٿي مڙس ٻي شادي کي ترجيح ڏيندا آهن. ته ڪٿي وري جوڙو ٻنهي جي صلاح سان ڪنهن ٻئي جي ٻار کي قانوني طرح سان اپنائيندا ( ايڊاپٽ ) آهن. جتي ڪڏهن خاندان ۾ انهن کي مختلف اعتراضن کي به منهن ڏيڻو پوندو آهي ته پرايو ٻار پالڻ وغيره ٺيڪ نه آهي اهو پنهنجو نه ٿيندو ۽ اهو سلسلو ان ٻار جي جوان ٿيڻ تائين پيو هلندو آهي. ڪٿي ڪٿي صورتحال خراب به ٿي ويندي آهي، ان ٻار جي ذهني حالت متاثر ٿيندي آهي  ۽ سماجي لحاظ کان اهو ٻار پنهنجي زندگي سٺي نموني نه گذاري سگھندو آهي ته ڪٿي وري اهي والدين پنهنجي خاندان جي سهڪار ۽ مدد سان اهڙي صورتحال کي منهن ڏئي ويندا آهن.  توهان اهڙا ڪيترا ئي ٻار ڏٺا هوندا جيڪي هينئر مڪمل ۽ بهترين زندگي گذاري رهيا آهن ، جن کي ڪنهن نه ڪنهن جوڙي ايڊاپٽ ڪيو هو. ڪجھه اهڙا به ضرور آهن جيڪي پنهنجي ان عمل ۾ ڪامياب نه ٿي سگھيا آهن ۽ انهن لاءِ پوءِ اهو سمجهون ٿا ته  يتيم خانا ئي بهتر هئا.

اصل ۾ ٻار ايڊاپٽ ڪرڻ وارن لاءِ ايتريون ڏکيايون بلڪل نه هئڻ گھرجن ڇو جو ڪنهن بي سهارا ، يتيم ٻار کي هڪ سٺي زندگي ڏيڻ تمام نيڪي جو ڪم آهي.

سائنس ۽ ٽيڪنالاجي تمام ترقي ڪري وئي آهي، جنهن جو سفر تيزي سان جاري آهي. ماڊرن دنيا ۾ ڪي جوڙا اهڙا به آهن جيڪي سروگيسي جي ذريعي والدين ٿيندا آهن.

سروگيسي ڇا آهي ؟

اهو عمل جنهن ۾ ڪا عورت ( جيڪا اڳ ۾ ٻار پئدا ڪيل هجي) ، ڪنهن ٻئي جوڙي جو ٻار راضي خوشي سان هڪ جائز معاهدي  جي موجودگي ۾ پنهنجي پيٽ ۾ پالي ته اها سروگيسي چئي ويندي آهي. ان عمل دوران پئدا ٿيل ٻار مڪمل طور تي ان جوڙي جو پنهنجو ذاتي ٻار هوندو آهي. ان ٻار ۾ جينياتي لحاظ کان  سڀ شيون پنهنجي والدين جون ئي هونديون آهن. ان عمل ۾  خواهش مند جوڙي واري عورت جي بيضن (ايگز) ۽ خواهش مند جوڙي واري مرد جي جزن (سپرم) کي آئي_ وي_ ايف ٽيڪنالاجي  ذريعي ملائي ايمبريو تخليق ڪيو ويندو آهي ، جيڪو وري سروگيٽ ماءُ ۾ منتقل ڪيو ويندو آهي ۽ ڪامياب عمل ٿيڻ جي صورت ۾ نوَ مهينن کان پوءِ اها عورت ٻار ڄڻي ڌڻي جوڙي حوالي ڪندي آهي. ان عمل ذريعي ٻار ڄڻڻ جي شروعات  1986ع ۾ ٿي. سروگيسي ڪجھه ملڪن ۾ جائز آهي ته ڪجهه ملڪن ۾ نا جائز آهي پر دنيا ۾ ڪيترا ئي جوڙا اهو ڪم ڪن پيا.

ٻار پئدا ڪرڻ ڪا سولي ڳالهه نه آهي ۽ ٻار تخليق ڪرڻ واري سعادت مولا عورت جي وس ۾ رکي آهي.  اڄ ڪلهه عورت مرد سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي زندگي جي معاملن ۾ گڏ ڪم ڪندي آهي. هڪ عورت هئڻ جي ڪري گھر سنڀالڻ سان گڏ ، ٻاهر جا معاملا سنڀالڻ  اٿي ويٺي ان جي ذمي هوندي آهي ، سو ڪڏهن ڪڏهن ميڊيڪلي نارمل هئڻ باوجود هو ٻار نه ڄڻي سگھندي آهي. ڪڏهن ڪنهن زناني بيماري جي ڪري، ڪڏهن معاشرتي ۽ نفسياتي مسئلن جي ڪري، وري اڪثر اهو به ڏٺو ويو آهي ته عورت اميد سان ٿي ويندي آهي پر ڪجهه پيچيدگيون ٿيو پون جنهن جي نتيجي ۾ حمل نيڪال ٿي ويندو آهي . انهن سڀني حالتن ۾ سروگيسي کي ڪجهه ملڪن ۾ بهترين نعم البدل سمجهو ويندو آهي. اسان جي پاڙي واري ملڪ ۾ اڪثر ٻڌو ويندو آهي ته بالي ووڊ ۾ ڪيترن ئي اداڪارن سروگيسي جي ذريعي ٻار پيدا ڪيا آهن. جنهن ۾ شاهه رخ خان، عامر خان، ايڪتا ڪپور تشار ڪپور ۽ ٻيا.  تازو پريانڪا چوپڙا پڻ سروگيسي جي ذريعي ماءُ ٿي وئي آهي.

بنگلاديشي اديبا تسليم نسرين 22 جنوري تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ لکندي چوي ٿي :

How do those mothers feel when they get their readymade babies through surrogacy? Do they have the same feelings for the babies like the mothers who give birth to the babies?

هڪ ٻئي ٽوئيٽ ۾ چوي ٿي:

Surrogacy is possible because there are poor women. Rich people always want the existence of poverty in the society for their own interests. If you badly need to raise a child, adopt a homeless one. Children must inherit your traits—it is just a selfish narcissistic ego.

وڌيڪ اهو به چيو ته هو سروگيسي کي قبول نٿي ڪري. ايستائين جو هڪ امير عورت سروگيٽ ماءُ ٿئي.

تسليم نسرين جي ان ٽوئيٽ تي گھڻن ئي تنقيد ڪئي ۽ گھٽ وڌ ڳالهايو. اصل ۾ ڏٺو اهو ويو آهي ته هيستائين جن به جوڙن جو ٻڌو آهي اهي ايليٽ طبقي سان تعلق رکن ٿا، ڪنهن وچين طبقي جي جوڙي ان مان فائدو ورتو اهو ٻڌڻ ۾ نه آيو آهي. مطلب پنهنجي خوشي يا ضرورت لاءِ ڪن غريب عورتن جي مجبوري مان فائدو ورتو وڃي ٿو ، جيڪو يقينن غلط آهي پوءِ  ڀلي اهي سروگيٽ مائرون مرضي سان ڇو نه اهو معاهدو ڪن.

اسان جي ملڪ ۾ سروگيسي کي ناجائز قرار ڏنو ويو آهي. اسان وٽ جيڪي جوڙا ٻارن کي ايڊاپٽ ڪن ٿا گھڻي ڀاڱي ان کي به نا جائز سمجهيو ويندو آهي. پاڪستان جديد دنيا کان ويهه ٻاويهه سال پويان آهي . ويهه ٻاويهه سالن کان پوءِ اسان وٽ ڇا جائز هوندو ۽ ڇا رائج هوندو ان جي باري ۾ هينئر ڪجھه نٿو چئي سگھجي. في الحال اسان وٽ جيڪو هلي پيو قانون ، سروگيسي جي حوالي سان اهو ئي صحيح ٿو لڳي.

Saima87674@gmail.com

Share.

Leave A Reply