ٻين کي شوڪاز ڏيڻ کان اڳ قوم توهان کي جيڪو شوڪاز ڏنو آهي، ان جو جواب ڏيو: مريم نواز

Pinterest LinkedIn Tumblr +

ٻين کي شوڪاز ڏيڻ کان اڳ قوم توهان کي جيڪو شوڪاز ڏنو آهي، ان جو جواب ڏيو: مريم نواز

لاهور: ن ليگ اڳواڻ مريم نواز جو نالو وٺڻ کانسواءِ وزيراعظم عمران خان کي مخاطب ٿيندي چيو ته ٻين کي شوڪاز ڏيڻ کان اڳ قوم توهان کي جيڪو شوڪاز ڏنو آهي، ان جو جواب ڏيو

May be an image of 1 person and textMay be an image of 1 person and textMay be an image of 1 person and text

ٽوئيٽر تي پنهنجي بيان ۾ مريم نواز چيو ته اوهان سڄي پاڪستان کي غربت، مهانگائي ۽ بدامني ۾ ڌڪي ڇڏيو آهي. بيروزگاري ۽ بدامني ۾ ڌڪي پنهنجي پارٽي جي ڪهڙي اڳواڻ کي ڇڏيو آهي جيڪو تڪ ۾ وڃي سگهي؟ تون اهڙو بار آهين جنهن کي ڪير به برداشت نٿو ڪري سگهي. مريم نواز چيو ته عوامي نمائندن آڏو ٻه رستا آهن، پهريون عوام سان گڏ بيهن، ٻيو آهي توهان جي ٻڏندڙ ٻيڙيءَ ۾ غرق ٿي ذلت ۽ خواري جي تاريخ جو حصو بڻجي وڃن

هن چيو ته جيڪڏهن توهان جي حساب سان 14 ميمبر توهان کي ڇڏي ويا آهن ۽ توهان انهن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو آهي ته پوءِ ان جو مطلب اهو آهي ته 342 جي ايوان ۾ 165 ميمبر توهان سان گڏ رهيا، مطلب توهان اڪثريت وڃائي ويٺا آهيو، توهان وزيراعظم جي عهدي جو اخلاقي، قانوني ۽ آئيني حيثيت وڃائي چڪا آهيو، هاڻي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به جواز ناهي. ياد رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي اسيمبلي جي 14 ميمبرن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن

Share.

Leave A Reply