پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي 14 منحرف ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

Pinterest LinkedIn Tumblr +

پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي 14 منحرف ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا

 

 

 

 

 

 

 

 

اسلام آباد: پي ٽي آءِ قومي اسيمبلي جي 14 منحرف ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا. جن ميمبرن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن تن ۾ نور عالم خان، افضل ڍانڊلا، نواب شير وسير، راجا رياض، احمد حسين ڊيهڙ، رانا قاسم نون، عبدالغفار وٽو، مخدوم باسط سلطان، عامر طلال گوپانگ، خواجا شيراز، سردار رياض مزاري، رميش ڪمار، وجيهه اڪرم ۽ نزهت پٺاڻ شامل آهن. جاري ڪيل نوٽيس ۾ چيو ويو آهي ته ميڊيا تي وڏي پيماني تي جاري ڪيل وڊيوز ۽ انٽرويوز ۾ نظر آيو آهي ته توهان پي ٽي آءِ کي ڇڏي اپوزيشن سان ملي ويا آهيو، توهان ان عمل جي نه ترديد ڪئي آهي نه ڪو بيان جاري ڪيو آهي. اها آئين جي آرٽيڪل 63 اي (1) جي ڀڃڪڙي آهي، توهان جي انٽرويوز مان صاف ظاهر اهي ته توهان پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو ارادو ڪري چڪا آهيو. هن نوٽيس ذريعي توهان کي آگاهي ڏجي ٿي ته 26 مارچ تي 2 وڳي پارٽي جي سربراه عمران خان آڏو روبرو اچي وضاحت ڪيو ته توهان جي اسيمبلي رڪنيت ڇونه ختم ڪئي وڃي

Share.

Leave A Reply