بوزدار وڏا قريب ڳوٺ جنگو خان جرنيل ۾ پير سيد صدر الدين شاه راشدي پاران مرحوم رئيس محمد صالح شر جن جي پنجي ورسي تي آمد ۔

Pinterest LinkedIn Tumblr +

بوزدار وڏا قريب ڳوٺ جنگو خان جرنيل ۾ پير سيد صدر الدين شاه راشدي پاران مرحوم رئيس محمد صالح شر جن جي پنجي ورسي تي آمد ۔

 

 

 

 

تفصيل موجب:بوزدار وڏا قريب ڳوٺ جنگو خان جرنيل ۾ پير سيد صدر الدين شاه راشدي پاران مرحوم رئيس محمد صالح شر جي پنجي ورسي جي موقعي تي آمد ساڻس گڏ پير سيد معشوق علي شاه جيلاني ايم پي اي ڊاڪٽر رفيق احمد ٻانبهڻ سردار فقير سڪندر علي شر هئا سندس آجيان ڪندڙ ۾ رئيس پرويز احمد شر رئيس عاشق حسين شر رئيس الهبچايو شر استاد خادم علي شر ايڊوڪيٽ نور احمد شر جي ڊي اڳواڻ احسان علي شر رئيس الله بخش شر ۽ ٻيا شامل هئا ۔ان وقعي تي پير سيد صدر الدين شاه ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ت رئيس محمد صالح پارٽي جي بلندي لاء سر توڙ ڪوششون ڪندڙ شخص هيو سندس شخصيت نرم مزاج ۽ محبتي ماڻهون هيو سندس ڇڏيل خال ڪير ڀي نٿو ڀري سگهي پر سندس پڳدار پٽ رئيس پرويز احمد شر ۾ ساڳيون خوبيون نظر اچي رهيون آهن اميد ٿي ڪجي ت هي ڀي اڳي هلي سنڌ جي ڀلائي لاء پنهنجي علائقي جي ڀلائي لاء ستر سال حڪومت ڪندڙ پارٽي مان اٻوجه ماڻهن جي جان ڇڏائڻ لاء ڀرپور جدوجهد ڪندو ۔
ان موقعي تي رئيس پرويز احمد شر پير سيد صدر الدين شاه راشدي جا سندس بابا جي ورسي ۾ شرڪت جا ٿورا مڃيندي پارٽي جي بلندي لاء حامي ڀريندي چيو ت هو هر ممڪن ڪوشش ڪندو۔

Share.

Leave A Reply