غلطي ڪندڙ ايم اين ايز واپس اچن، معاف ڪريان ٿو:وزيراعظم

Pinterest LinkedIn Tumblr +

غلطي ڪندڙ ايم اين ايز واپس اچن، معاف ڪريان ٿو:وزيراعظم

ڪراچي: وزيراعظم طرفان وفاداري بدلائيندڙ ايم اين ايز لاءِ معافي جو اعلان ڪيوويو آھي، مالاڪنڊ ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو تھ غلطي ڪندڙ ايم اين ايز  واپس اچن، معاف ڪريان ٿو

غلطي انسان کان ٿيندي آهي، معاف ڪندڙ الله آهي، پئسا ڏئي حڪومت بچائڻ تي لعنت وجهان ٿو، ھن چيو تھ چورن ملڪ ۽ جمهوريت جو به سودو ڪري ڇڏيو، ملڪ جا بدنام چور ۽ ڌاڙيل گڏ ٿي ويا آهن

وزيراعظم عمران خان چيو تھ اسان جي ايم اين ايز کي پئسا ڏئي خريد ڪيو ويو، لوٽي ۽ ضمير فروش ۾ فرق هوندو آهي، جتي اقتدار هوندو آهي، لوٽو اتي ويندو آهي

ھن چيو تھ ضمير فروش ملڪ ۽ جمهوريت جو سودو ڪري ٿو، ضميرن جي سودي کي جمهوريت جو نالو ڏنو وڃي ٿو، سنڌ هائوس ۾چوري جا پئسا آڻي جمهوريت جو جنازو ڪڍيو ويو، چوري جي پئسن سان ضميرن جا سودا ڪيا ويا

Share.

Leave A Reply