گوتم ٻڌ جو شاگرد آهيان پر کريل آهيان: امر جليل

Pinterest LinkedIn Tumblr +

گوتم ٻڌ جو شاگرد آهيان پر کريل آهيان: امر جليل

KLF: Amar Jaleel ventures into territories others fear to tread

ڪراچي: سنڌ لٽريچر فيسٽيول  ۾  ”عشق تمام برهه تمام“ ناول تي ويهڪ ۾ نامياري لکيڪ امر جليل وڊيو لنڪ ذريعي ڳالهائيندي چيو ته مان گوتم ٻڌ جو شاگرد آهيان پر کريل آهيان. انسان جو قدر مرڻ کانپوءِ ٿيندو آهي، آئون هي ناول پڙهڻ سان گڏ مزو وٺان پيو. هي ڪتاب ٻڌازم سان منصب آهي ۽ انهن ماڻهن کي سمجهه ۾ ايندو، جن جي ڪتابن ڏانهن دلچسپي آهي. هن چيو ته ناول جو هڪ ڪردار يوگي پنهنجي يوگڙي جي ڳولا ۾ نڪري ٿو، جيڪي پاڻ ۾ ڳالهاين ٿا، هي منهنجي روحاني تجربو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ڪتاب ۾ زندگي جا مسئلا بيان ٿيل آهن، جيڪي منهنجي زندگي سان به سلهاڙيل آهن پر هي عام پڙهڻ وارو ڪتاب ناهي. لکيڪا مهتاب اڪبر راشدي چيو ته هي ناول نوجوانن کي شوق سان پڙهڻ گُهرجي. ناول پڙهڻ واري کي صبر، سوچ سان پڙهڻ گُهرجي. فطرت جي گهرائي ۾ هڪ جهڙائي آهي. مونکي ناول ۾ استعمال ٿيل سنڌي ٻوليءَ تمام گهڻو متاثر ڪيو آهي. لکيڪ شاھ محمد پيرزادي چيو ته سنڌي ناول جي حساب سان ڪامياب تجربو لڳو. مان ٿوري عرصي ۾ 2 دفعا ڪتاب پڙهيو آهي. ڪتاب جي لکيڪه سحر گل چيو ته ڪتاب ۾ ميوزڪ جو به ميلاپ ڪيو آهي، جيڪو يُو ٽيوب تي موجود آهي. 2015 کان ناول لکڻ شروع ڪيو، عشق کي نه سمجهڻ وارن کي ناول ڏکيو لڳندو. ناول ۾ مختلف ڪردارن تي لکيو آهي.

Share.

Leave A Reply