وفاقي حڪومت تربيلا ڊيم تي جاري ڪم جو بھانو ڄاڻائي سنڌ صوبي کي پاڻي جي حصي کان محروم ڪري پئي،

Pinterest LinkedIn Tumblr +

وفاقي حڪومت تربيلا ڊيم تي جاري ڪم جو بھانو ڄاڻائي سنڌ صوبي کي پاڻي جي حصي کان محروم ڪري پئي،

Inquiry against Jam Khan Shoro completed, NAB tells SHC - Daily Times

وفاقي حڪومت تربيلا ڊيم تي جاري ڪم جو بھانو ڄاڻائي سنڌ صوبي کي پاڻي جي حصي کان محروم ڪري پئي، اھڙي عمل جي سخت لفظن ۾ مذمت ۽ احتجاج ڪريون ٿا: ڄام خان شوروـ

آبپاشي کاتي واري صوبائي وزير ڄام خان شورو چيو آهي ته وفاقي حڪومت پاران تربيلا ڊيم تي جاري ڪم جو بھانو ڄاڻائي سنڌ صوبي کي سندس مقرر ڪيل پاڻي جي حصي کان محروم ڪيو پيو وڃي، جنهن سان صوبي ۾ شديد زرعي پاڻي بحران ۽ هزارين ايڪڙن تي بيٺل زرعي فصل جو تباھ ٿيڻ جو خدشو آهي ـ اھڙين ڳالهين جو اظهار اڄ ھن سندس ھڪ جاري بيان ۾ ڪيو آهي ـصوبائي وزير آبپاشي ڄام خان شورو چيو ته وفاقي حڪومت پاران 1991ع جي پاڻي معاهدي تحت سنڌ صوبي کي پاڻي نه ڏئي سزا ڏئي رهي آهي اسان وفاقي حڪومت جي اھڙي ظالماڻي ۽ غيرقانوني عمل تي سخت احتجاج ۽ شديد لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿاـ ھن چيو ته جيڪڏهن تربيلا ڊيم ۾ پاڻي موجود ناهي ته وفاقي حڪومت ۽ ارسا فوري طور تي منگلا ڊيم مان سنڌ صوبي کي پاڻي فراهم ڪن ڇو ته سنڌ صوبو هن وقت 40 سيڪڙو جي پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي جنھن سان صوبي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زراعت جو شعبو سخت متاثر ٿيندو ۽ ڪراچي سميت سنڌ صوبي جي ٻين علائقن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي جو بحران به پيدا ٿيندو جڏهن ته سخت پاڻي کوٽ سبب روهڙي، نارا ڪئنالن ۽ ٻين علائقن ۾ خريف جي شروعاتي سيزن ۾ پوکيل فصلن کي به نقصان ٿيندوـ ڄام خان شورو چيو ته 1991ع واري پاڻي معاهدي تحت وفاقي حڪومت کي فوري طور تي سنڌ صوبي کي پاڻي جو حصو ڏئي ته جيئن پاڻي جي پيدا ٿيندڙ بحران تي جلد ضابطو اچي سگهي.

Share.

Leave A Reply