قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ پارانپوليس اسٽيشن قاسم آباد علي پيلس چوڪ قاسم آباد حيدرآباد جي اڳيان ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي نہ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.

Pinterest LinkedIn Tumblr +

قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ پارانپوليس اسٽيشن قاسم آباد علي پيلس چوڪ قاسم آباد حيدرآباد جي اڳيان ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي نہ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو

 

 

 

 

 

 

 

 

حيدرآباد: قومي عوامي تحريڪ ضلعي حيدرآباد ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ پاران پوليس اسٽيشن قاسم آباد علي پيلس چوڪ قاسم آباد حيدرآباد جي اڳيان قاسم آباد ۾ بدامني، لاقانونيت، ڦرون ڌاڙا موٽرسائيڪلن جي چورين ۽ ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي نہ ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته قاسم آباد ھڪ ڀيرو ٻيھر ڏوھارين جي آماجگاھ بڻجي چڪو آهي ڏينھن ڏٺي جو قاسم آباد ۾ چوريون ڌاڙا موٽرسائيڪل جون چوريون ٿي رھيون آھن، تازو 21 مارچ تي نسيم نگر چوڪ جي ويجھو حيدرآباد ٽائون مان سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر صدام سنڌي جي گھر اڳيان بيٺل موٽرسائيڪل صبح جو چور ڪاھي فرار ٿي ويا آهن، پوليس اسٽيشن تي سي سي ڪيمرا ۽ ٻيا ثبوت پڻ ڏنا آھن ہر اڃان تائين پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نہ ڪيو آھي، پوليس ڏوھارين خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ بدران انھن سان ٻٽ بڻيل آهي، اڳواڻن چيو تہ چوري ٿيل موٽرسائيڪل جي واپس نہ ڪرائي وئي تہ ٻي فيز ۾ قاسم ڊي ايس پي آفيس اڳيان ۽ پوء ايس ايس پي حيدرآباد جي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويندو. احتجاج ۾ قومي عوامي تحريڪ حيدرآباد جي صدر نظير بليدي، معشوق چانڊيو، يعقوب جسڪاڻي، مرڪزي اڳواڻ محمود رخشاڻي، سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر صدام سنڌي، دانش پرمار، وهاب ڪنراني. طارق رند ظفر نور مري، ڪاشف اوٺو شاھد کوسو. فهيم سنڌي ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي.

Share.

Leave A Reply