حيدرآباد (پ_ر) پي ڊي ايم جي قيادت خصوصن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان معاهدي ذريعي سنڌ جي وجود جو سودو ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران پريس ڪلب حيدرآباد آڏو سوين سنڌياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو

Pinterest LinkedIn Tumblr +

حيدرآباد (پ_ر) پي ڊي ايم جي قيادت خصوصن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان معاهدي ذريعي سنڌ جي وجود جو سودو ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران پريس ڪلب حيدرآباد آڏو سوين سنڌياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو

 

 

 

 

 

 

 

 

 

حيدرآباد (پ_ر) پي ڊي ايم جي قيادت خصوصن پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان معاهدي ذريعي سنڌ جي وجود جو سودو ڪرڻ خلاف عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ پاران پريس ڪلب حيدرآباد آڏو سوين سنڌياڻين پاران احتجاجي مظاهرو ڪيو. احتجاجي مظاهري کي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سينئر نائب صدر عبدالقادر رانٽي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار، عوامي تحريڪ جي نائب صدر حورالنسا پليجو، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زرقا هاليپوٽو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته ايم ڪيو ايم ڪا سياسي پارٽي نه پر هڪ دهشتگرد گروه آهي جنهن پنهنجي وجود کان وٺي نازي ٽارچر سيلن جي ذريعي هزارين سنڌي ماڻهن سميت ٻين ٻوليون ڳالهائيندڙن جو قتل عام ڪندي رهي آهي. هنن وڌيڪ چيو ته ايم ڪيو ايم جنهن خلاف ملڪي دفاعي ادارن سميت ملڪ جي اعليٰ عدالت سپريم ڪورٽ راء، امريڪا، اسرائيل جي ايجنٽ قرار ڏنو آهي ان سان تازو پيپلز پارٽي ۽ پي ڊي ايم جي ڪيل سنڌ دشمن معاهدو ڪري هڪ دفعو ٻيهر دهشتگردن ۽ قاتلن کي سنڌ جي مٿان مڙهيو ويو آهي جنهن خلاف سموري سنڌي قوم کي سخت ڪاوڙ ۽ ڳڻتي آهي. هن وڌيڪ چيو ته سنڌ کي نئون اسرائيل ٺاهي سنڌي قوم کي اقليت ۾ تبديل ڪري سنڌي قوم جا وسيلا، شهر، روزگار، تعليم کسڻ جي سازش اڄ کان گهڻا سال اڳي سٽي وئي هئي جنهن کي پيپلز پارٽي ايم ڪيو ايم سان ڪرسي خاطر ٺاه ڪري عملي جامعو پهرايو آهي. هنن چيو ته عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ سميت سنڌ جا ڪروڙين مظلوم ماڻهو ان عمل خلاف پرامن جمهوري جدوجهد شروع ڪري سنڌ جي وجود جي بقا لاءِ آخري گهڻي تائين ويڙھ ڪندا. پيپلز پارٽي سدائين سنڌي قوم سان غداري ڪئي آهي. پيپلز پارٽي سنڌ جو درياءُ سڪائڻ ۽ زمينون نيلام ڪرڻ جي سازشن کانپوءِ هاڻي سنڌ جي حڪ حاڪميت دهشتگردن حوالي ڪري ڇڏي آهي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ هميشه کان وٺي سڀ کان پهريان سنڌ دشمن منصوبن خلاف جدوجهد ڪندي رهي آهي. پي ڊي ايم ۽ پپلز پارٽي وارا ڪرسي خاطر سنڌي عوام جو معاشي قتل عام ڪرڻ وارا منصوبا جوڙي رهيا آهن. سنڌي عوام سنڌ جي وحدت تي وار کي ڪڏهن به برداشت نه ڪندو ۽ اڄوڪو هي مظاهرو شروعات آهي. سنڌ دشمن قوتن خلاف پرامن جمهوري جدوجهد جو دائرو وڌايو ويندو. مظاهري کي سنڌي شاگرد تحريڪ جي مرڪزي صدر عاطف ملاح، سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ، گل حسن ڪيڙانو، ايڊوڪيٽ راحيل ڀٽو، ستار رند ۽ ٻين خطاب ڪيو.
مرڪزي پريس ترجمان عوامي تحريڪ 03313503900 ، 03003431740

Share.

Leave A Reply