غزل
روبینہ ابڙو
مُون ۾ مُندَ لَٿي هُئي راتِ انڌاريءَ ۾.
سَھسين گُل ٽڙي پيا منهنجي ٽاريءَ ۾.
سو ئي منهنجي دل جي پاڙ اُکوڙي پيو،
جنهن لئہ پنهنجو پاڻُ ڦُٽايو ٻاريءَ ۾.
آرائينءَ جي ساروڻين تي سوچيندي،
مالهڻ جا سَڀُ گُل سُڪي ويا کاريءَ ۾.
جوتِ اکين ۾ جَرڪِي جُگنو جاڳي پيا،
ٻارن چنڊُ ڏٺو ٿي راتِ تغاريءَ ۾.
عشق جو سارو تاڪِيو تي ويو بي ڪارج،
تنهنجي بي ڌيانيءَ جي هڪڙي گهاريءَ ۾.
ڪاڳر جي ڪشتيءَ ۾ هڪڙو ماڻهو هو،
درياھ بُوند بُوند ٿي برسيو ناريءَ ۾.
جنهن جي هٿ مان هَريالي ٿي روزُ ڦُٽي،
ڪيڏا قُدرت ٻِجَ ڇَٽي وئي هاريءَ ۾.