ڇا عالمي قوتون به عمران خان کي آئوٽ ڪرڻ چاهين ٿيون؟
تحريڪ انصاف جا ڪجهه حامي حلقا اهو تاثر ڏيڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ته انهن جي ڪپتان خان سان اهو ڪجهه ٿي رهيو آهي، جيڪو گذريل صديءَ جي ستين ڏهاڪي ۾ ذوالفقار علي ڀٽو سان ٿيو. انهن کي اهو به معلوم آهي ته زيڊ اي ڀٽو ۽ ڪپتان خان جي سياسي قد ۾ زمين آسمان جو فرق آهي. هن وٽ نه صرف پنهنجي ملڪ جي عام انسانن لاءِ پر عالمي سطح تي مسلمانن جي لاءِ به هڪ ويزن Visionهو. توڙي جو هڪ شريعت تي عمل ڪندڙ مسلمان نه هو. هو پنج وقت نماز ادا ڪندڙ شخص نه هو. هو ٽيهه روزا نه رکندو هو. هن روايتي طور تي حج به نه ڪيا ۽ نه هو اسلامي طريقي مطابق زڪوات ادا ڪندو هو. هن جي لاءِ مشهور آهي ۽ هو مڃيندو به هو ته هن کي پنهنجي پسند جي وسڪي وڻندي آهي. پر پوءِ به هو پاڻ کي مرزا غالب وانگر اڌ مسلمان نه سمجهندو هو. هو مذهب کي پنهنجي ۽ پنهنجي پالڻهار جي وچ ۾ هڪ اهڙو رشتو سمجهندو هو، جنهن ۾ هن ڪڏهن به ڪنهن ملان کي مداخلت ڪرڻ جي اجازت نه ڏني.
ذوالفقار ڀٽو سياسي طور تي سوشلسٽ هو پر هو پروماسڪو نه هو پنهنجي عقيدي توڙي ٺيٺ نظرين ۾ دهريت طرف مائل ڪميونسٽ نه هو. هن جي ڀيٽ نه ته مائوءَ سان ڪري سگهجي ٿي ۽ نه لينن سان! هڪ ته ڪاسٽرو جهڙو به نه هو. پر هن کي مصر جو مشهور صدر ناصر تمام گهڻو وڻندو هو. هو صدر ناصر جيڪو پنهنجي سوچ ۾ مڪمل طور تي سامراج مخالف هو. جيڪو چوندو هو ته ”جيڪڏهن سمنڊ جي تهه ۾ ٻه ننڍڙيون مڇيون به پاڻ ۾ وڙهندي ڏسو ته سمجهي وڃو اها سامراج جي سازش آهي“ ڇا صدر ناصر هڪ ناڪام اڳواڻ هو؟ جيڪڏهن ”ها“ به ته هو اڄ ڏينهن تائين هر ترقي پسند عرب جي دل ۾ هڪ گهاوَ جيان رسندو ۽ ڀرجندو رهي ٿو. جيڪڏهن ائين نه هجي ها ته اڄ به گوگل اهو ڪيئن تسليم ڪري ها ته دنيا هو سڀ کان مهان ميڙاڪو، سڀ کان وڏو اجتماع صدر جمال ناصر جي جنازي جي تقريب هئي.
صدر ناصر هڪ پاپولر ليڊر هو. هو پنهنجي طاقت ڪنهن ڪتاب مان نه پر عوام مان حاصل ڪندو هو. ساڳي طرح سان ذوالفقار علي ڀٽو به صدر ناصر جي قدمن تي هلڻ جي ڪوشش ڪندڙ هو. هن جي دل توڙي دماغ تي اها ڌن سوار هوندي هئي ته هو ڪنهن به طور تي ننڍي کنڊ جو وڏو ليڊر ڳڻيو وڃي. جيڪڏهن مائوزيتنگ کان نه ته گهٽ ۾ گهٽ جواهر لال نهرو کان وڌيڪ! اهو ئي سبب هو ته هن جو هر عمل سياست جي تقاضائن مطابق هو. زيڊ اي ڀٽو سراپا سياست هو. جيڪڏهن هو مڪي شريف ۾ وڏو مان ماڻي ڪعبت الله ۾ وڃڻ جي سعادت حاصل ڪندو هو يا جذباتي ٿي حجراسود کي چمندو هو يا قلندر جي مزار تي ايران کان آيل سونو دروازو نصب ڪرائيندو هو يا پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ اسلامي سربراهي ڪانفرنس ڪوٺرائيندو هو ته هن جي ان عمل پويان علامه اقبال جي شاعريءَ جو مجاهدانا جذبو ڪارفرما نه هوندو هو. جيڪڏهن ذوالفقار علي ڀٽو عام عقيدين وارو مسلمان هجي ها ڪرنل رفيع هن جي باري ۾ اهو نه لکي ها ته هن ڦاسيءَ واري رات شيو ڪرڻ جي خواهش ڪندي چيو ته هو خدا جي آڏو هڪ ملان وانگر نه وڃڻ نه ٿو چاهي. جيڪڏهن هن جي دل ۾ عام مذهبي ماڻهن جهڙو خوف هجي ها ته هو چانهن جو ڪوپ پيئڻ جي تقاضا ڪرڻ بدران آخر ۾ نماز جا ٻه نفل ضرور پڙهي ها.
پاڪستان جي رياست جيڪڏهن آمريڪي سياست هو شڪار ٿي پنهنجي محسن اڳواڻ کي سوريءَ سزوار نه بڻائي ها ته عمران خان هن جي حڪومت جو مشهور وزير هجي ها ۽ هو هن سان پرڏيهي پاليسيءَ تي ڪڏهن ڪڏهن مشورا به ڪري ها پر عمران خان جي ذوالفقار علي ڀٽو سان ڀيٽ ڪرڻ ائين آهي، جيئن ڪوئي جناب آصف علي زرداريءَ جي نيلسن منڊيلا سان ڀيٽ ڪئي وڃي ۽ ڪرڻ وارا ته ائين به ڪندا آهن. هن کي مرد حر چوڻ وارا ته ممتاز مولائي جي سطح جي سوچ رکڻ وارا هجن ٿا پر شيري رحمان جهڙي هوشيار ۽ پڙهيل ڳڙهيل خاتون هن کي 2009 ۾ ”مسٽر سونيا گانڌي“ سڏيندي هئي. ڀيٽ ڪرڻ ۾ ڇاهي؟ ڪنهن جي به ڪنهن سان ڀيٽ ڪري سگهجي ٿي. پر برسات جي پاڻيءَ سبب وجود ۾ آيل دٻي جي ڀيٽ سمنڊ سان ڪرڻ دٻي سان به زيادتي آهي.
اها هڪ افسوسناڪ حقيقت آهي ته ڪافي وقت کان وٺي بلڪه صحيح معنيٰ ۾ ذوالفقار علي ڀٽي جي وقت کان پوءِ هن مهل تائين پاڪستان جون وڏيون ۽ اقتداري سياست ڪندڙ پارٽيون پرڏيهي معاملي تي پنهنجو وات بند رکڻ ۾ ئي عافيت سمجهنديون آهن. دنيا ۾ ڀلي به ڪجهه به ٿيندو هجي. ڀلي ڀر واري ملڪ ۾ بمن جي بارش ٿئي. ڀلي ملڪ جي سرحدن ۾ داخل ٿيندڙ ڊرون شهرين جو ٻوٽيون اڏاريندا هجن پر پاڪستان جي حڪمران توڙي پاڪستان جا سياستدان گانڌيءَ جي ٽن ڀولڙن وانگر اهڙو ڪوئي لقاءُ نه ڏسندا آهن. نه ٻڌندا آهن. نه وري ان تي ڪجهه ٻوليندا آهن. هو سڀ چپ رهڻ ۾ پنهنجو ڀلو سمجهندا آهن. اهو ئي سبب آهي ته جڏهن عمران خان آمريڪا جي وار آن ٽيرر War On Terrorجي مٿان ٻه ٻول ٻوليا ته هن جي پنهنجي پارٽيءَ وارا ئي نه پر مخالف ڌر وارا به هڪ قسم جي دهشت ۾ اچي ويا. اهو ئي سبب آهي ته مريم نواز جهڙي عام طور تي پاڪستان ۽ خاص طور تي پنجاب جي پاپولر اڳواڻ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ عمران خان جي اهڙي عمل جي عالمي قوتن آڏو شڪايت لڳائڻ جهڙا لفظ لکيا. ڇا اها ڳالهه عجيب ناهي ته روس يوڪرين ۾ فوجون ڪاهي آيو آهي ۽ هن مهل اها چڙهائي پنهنجا آخري ڏاڪا عبور ڪري رهي آهي پر پاڪستان جون سياسي پارٽيون ائين ماٺ آهن، جيئن انهن کي ڪو پتو ئي نه هجي ته ڇا ٿي رهيو آهي؟
عمران خان ان جو سبب اهو پيش ڪندو رهيو آهي ته پاڪستان جا سياستدان ڪرپشن سبب آمريڪا ۽ برطانيا جي حڪمرانن کي ناراض ڪرڻ نه ٿا چاهين. ڇو ته انهن کي خوف آهي ته متان انهن جي مني لانڊرنگ واري دولت ضبط ڪئي وڃي. جڏهن اصل حقيقت اها ناهي. اصل حقيقت اها آهي ته پاڪستان جي سياسي پارٽين پرڏيهي پاليسي مڪمل طور تي اسٽيبلشمينٽ جي حوالي ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان جي سياست ۾ هڪ اڻ اعلانيل شرط آهي ته اقتداري سياست ڪرڻ واريون پارٽيون پرڏيهي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائينديون. ان شرط تان هيڏي هوڏي ٿيڻ جو تصور به اسان جي پارٽين جي لونءَ ڪانڊارڻ جي لاءِ ڪافي آهي. چين جي باري ۾ حڪمران ڌر کي صرف اهو چون جي اجازت آهي ته ”چين سان پاڪستان جا تعلقات سمنڊ کان گهرا ۽ هماليا کان بلند آهن“ ڪشمير جي سلسلي ۾ ڀارت جي خلاف روايتي بيان جاري ڪرڻ ته حڪمراني فرضن جو حصو هجن ٿا. باقي افغانستان ۾ امن پاڪستان جي اهم آهي واري بيان کان سواءِ دنيا جي ڪنهن به ملڪ جي باري ۾ بيان جاري ڪرڻ ته ڇا پر چپ به چورڻ جو حق ملڪ جي سياسي پارٽين پاڻ مرادو بخش ڪري ڇڏيو آهي. دنيا ۾ ڪٿي به ڪجهه ٿيندو هجي پر انهن کي ڪجهه به ناهي چوڻو. ٻيو ته ٺهيو پر چين ۽ ڀارت جي وچ ۾ لداخ واري سرحد تي جيڪي به جهڙپون ٿيون، انهن جي حوالي سان چين جي حمايت به به ڪجهه چوڻ جي جرئت اسان جي حڪمرانن توڙي اقتدار جي آرزومند سياستدانن مان ڪنهن به نه ڪئي آهي.
عمران خان جي سياست جو بنياد ميان نواز شريف جي اها مخالفت آهي ته هو مني لانڊرنگ ذريعي پاڪستان جي دولت چورائي لنڊن جي تمام مهانگي علائقي ”مي فيئر“ ۾ گهر خريد ڪري ويٺو آهي ۽ هن پناما اسڪينڊل کان وٺي هن مهل تائين ميان نواز شريف جي مٿان الزامن جا اڻ ڳڻيا تير هلايا آهن پر هن ڪڏهن به برطانيا جي باري ۾ ٻه ٻول به ٻوليا آهن ته برطانيا آخر ڪهڙي قانوني ۽ اخلاقي طور تي هن ملڪ جي مبينا مجرم کي پناهه جو پانڌ آڇي ويٺو آهي. جيڪڏهن ميان نواز شريف جو پاسپورٽ به مدو مڪمل ڪري وٺي ٿو، پوءِ به هو پنهنجي فيمليءَ سان گڏ لنڊن ۾ ترسيل آهي ۽ نه صرف هو پاڻ پر هن پنهنجو سمڌي اسحاق ڊار به پاڻ سان رکيو آهي. ان باري ۾ عمران خان ڪڏهن به برطانيا جي نام نهاد قديم ۽ عظيم جمهوريت جي مٿان آڱر کڻڻ جي جرئت ڪئي آهي؟
پاڪستان جو ويندڙ وزير اعظم جيڪڏهن هن مهل پنهنجي سياسي زوال جو هڪ سبب اهو بيان ٿو ڪري ته هن جي خلاف عالمي قوتون سرگرم آهن ته اها کل جهڙي ڳالهه هوندي. ڇا عمران خان جو ڏوهه اهو هو ته جنهن ڏينهن هو ماسڪو ۾ هو، ان ڏينهن روس روڪرين جي مٿان حملو ڪيو؟ عمران خان جي مٿان ان قسم جو عظيم الزام هڻڻ وارا ڇا ٿا ثابت ڪرڻ چاهين؟ ڇا عمران خان ماسڪو ۾ ويهي روس جي اها هدايت ڪئي ته هو هاڻي جو هاڻي يوڪرين جي مٿان فوجي ڪارروائي ڪري؟ روس ۽ يوڪرين واري معاملي ۾ عمران خان جي مٿان شڪ ڪرڻ بين القوامي جهنگ ۾ شينهن جي حوالي سان ڪوئي تي شڪ ڪرڻ برابر آهي. باقي روس جي ان عمل تي ڪو به بيان نه ڏيڻ جي باري ۾ اهو دليل ڪافي آهي ته ان سلسلي ۾ ڀارت جهڙي آمريڪي اتحاديءَ به ڪو بيان جاري نه ڪيو آهي. پاڪستان ان سلسلي ۾ ڇا ٿو چئي سگهي؟
پاڪستان جي سياست تي سدائين پرڏيهي مفادن جا پاڇا پوندا رهيا آهن پر وقت سان گڏ ان پاليسيءَ ۾ وڌا بدران گهٽتائي ايندي رهي آهي. هن مهل پاڪستان عالمي ته ڇا پر علاقائي سياست ۾ به ان طرح سان شامل نه ٿو ڪيو وڃي، جنهن طرح سان هڪ ملڪ جو حق بيهي ٿو. هن مهل جڏهن پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي عمران خان جي هٿن ۾ ئي ناهي ته هن کي اسلامي دنيا جي ارطغرل ٿيڻ جي سياسي سزا ڏيڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي.