پيپلز پارٽي جو هاري مارچ ۽ سنڌ جي زرعي صورتحال

Pinterest LinkedIn Tumblr +

پيپلز پارٽي جو هاري مارچ ۽ سنڌ جي زرعي صورتحال

پيپلز پارٽي جو هاري مارچ ۽ سنڌ جي زرعي صورتحال

سجاد ظهير

تازو پاڪستان پيپلز پارٽي پاران سنڌ جي مختلف شهرن ۾“هاري ٽريڪٽر” مارچ ڪيو ويو، جنهن جو مُک جلسو حيدرآباد ۾ ڪوٺايوويو، جنهن کي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽي زرداري خطاب ڪيو. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ 14 سالن کان پيپلز پارٽي جي حڪومت قائم آهي. کين خبرهجڻ گهرجي ته سنڌ جي زرعي صورتحال پوين 14 سالن ۾ ڪيتري بدلي آهي، جيڪڏهن صورتحال ۾ پيپلز پارٽي مطمئن هجي ته شايد کيس اهڙو هاري مارچ نه ڪرڻ گهرجي ها. هيءُ هاري مارچ ان ڳالهه جو ثبوت آهي. سمورو ملڪ هڪ پاسي پر جنهن صوبي ۾ هڪ ڊگهي وقت کان وٺي سندن حڪومت قائم آهي، اتي به زرعي پورهيت ڪيترو ڀوڳي رهيو آهي. پنهنجي ٽئين دور ۾ پ پ سرڪار سنڌ جي هاري کي ڪجهه به نه ڏئي سگهي آهي، جنهن جو اندازو انهي مان لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ جو پورهيت اڄ به خودڪشي ڪرڻ تي مجبور آهي، هوءُ ڪارائتو هجڻ باوجود پنهنجي محنت جي ڪمائي جاگيردار کان محفوظ نه بڻائي سگهيو آهي. اسان جي سماج ۾ هاري جي زندگي بهتر بڻائڻ لاءِ ٽريڪٽر مارچ ڪجي يا يا صوبائي حڪومت طور عملي قدم کڻجن؟ اهو سوال ضرور اٿي ٿو. هن وقت به سنڌ سميت سموري ملڪ ۾ هاري جو زمين تي حق ئي تسليم نٿو ڪيو وڃي، ڏٺو وڃي ته اهو حق زرعي سڌارن سان ئي هاري کي ملي سگهندو، جنهن تي عمل ڪونه ٿو ڪيو وڃي. هن وقت به سنڌ جو مظلوم عوام تمام وڏي ڏکي طريقي سان زندگي گھاري رهيو آهي. هنن پنجن سالن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته جمهوري حڪومتن کي ستت ئي زرعي سڌارا ڪرڻ گهرجن ها، جيڪي انهن کان نه ٿي سگهيو. زرعي سڌارن نه جي ٿيڻ ڪري زراعت ۾ ٿيندر تباهي جو نقصان غريب هاري کي ڀوڳڻو پوي ٿو.
عالمي سطح تي زرعي سڌارن جو جائزو وٺجي ته زرعي سڌارا اهڙي عمل کي چيو وڃي ٿو جنهن تي رياست يا حڪمراني ڪندڙ زمين جي ملڪيت يا ان جي استعمال تي ڪنٽرول حاصل ڪري ٿي ۽ هڪ مقرر وقت تائين ماڻهن کي زمين جي ملڪيت رکڻ جو حق ڏئي ٿي .انهن سڌارن جي مقصد ملڪ منجهان جاگيرداراڻي سماج کي ختم ڪري، زرعي شعبي کي اهڙي ترقي ڏيڻ هوندو آهي ته جيئن زمين مان ملندڙ لاڀ کي وڏي عرصي تائين منصفاڻي ورڇ جي طور تي ڪتب آڻجي. زرعي سڌارن جو اصل مقصد وڌيڪ طاقت رکندڙ ماڻهن يا قوتن کان زمينون ۽ جاگيرون وٺي، اتي رهندڙ پٺ تي پيل گهٽ طاقت رکندڙ ماڻهن ۾ منتقل ڪرڻ آهي. زرعي سڌارن جي مقصدن ۾خوراڪ جا ذريعا حاصل ڪري ڏيڻ سان گڏوگڏ ڳوٺاڻن جهڙوڪ علائقي واسين جي غربت کي گهٽائڻ شامل هوندو آهي. ٻي مهاڀاري کان پوءِ ٽين دنياجي اڪثريتي ملڪن زرعي سڌارن کي پنهنجي تبديلي جو بنياد بڻايو، جنهن ۾مالشڪا، تائيوان، نارٿ ۽ سائوٿ ڪوريا، ملائيشيا، هندستان، ويٽنام ۽ رشيا سميت ڪيترن ئي ملڪن ۾ زرعي سڌارا ڪيا ويا. جيڪي ڪنهن حد تائين ڪامياب ويا آهن. ڪيترن ئي آفريڪا جي ملڪن ۾ پڻ زرعي سڌارن کي بڻياد بڻايو ويو آهي جنهن جو هڪ مثال سفيد فام آبادگارون جو بيٺڪيت واريون وسنديون زمين جي هڪ جهڙي ورڇ باعث بڻيون.جيڪڏهن ٻئي طرف ڏکڻ آمريڪا تي نظر وجهنداسين ته تاريخ منجهان ملي ٿو ته زرعي سڌارن سان گڏ گڏيل ملڪيتن منجهان اجتماعي پيداوار جي لاڀ ۽ زمين جي جبري ورڇ تائين ڪوششون پڻ جاري رهيون. جيتوڻيڪ اتي به زرعي سڌارن کي روڪڻ لاءِ کوڙ ساريون سازشون ڪيون ويون، پر اتان جي سول سوسائيٽي ۽ عوامي تحريڪون ايڏيون مضبوط هيون جو انهن سامراجي حڪومتن کي گوڏا کوڙڻا پئجي ويا، اتان جون سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي پروگرامن ۾ زرعي سڌارن کي هڪ اهم ايجنڊا جي طور پنهنجي دل تي پٿر رکي شامل ڪن ٿيون. غريب ۽ ترقي يافته دنيا ۾ ٻهراڙي جي پورهيت عوام جي سڀ کان وڏي پونجي زمين آهي. جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته صرف زمين هاري کي ڏئي ڇڏڻ ڪو ايڏو وڏو عمل ناهي پر انهن سان گڏ هن وقت زمين کي کيڙڻ لاءِ اپت جي مد ۾ زرعي قرض(اوڌر)، مناسب قيمت تي خام مال، سٺن اگهن واريون مارڪيٽون/ بازارون / منڊيون، انهن هارين کي ڪارائتو بڻائڻ لاءِ سندن صلاحيتن کي اجاگر ڪن.
زمين جي صورتحال جو جائزو وٺجي ته سروي مطابق مقامي جاگيردار وٽ هڪ ڪروڙ 15 لک 80 هزار ايڪڙ زمين قبضي هيٺ آهي. 18ڪروڙ آبادي ۾ 8 ڪروڙ هاري ۽ لاهياريو (سرڙيو ) هاري آهي، جن مان صرف 0.8 سيڪڙو هارين وٽ فقط 2 ايڪڙ زمين، جڏهن ته 23.8 سيڪڙو هارين وٽ هڪ ايڪڙ زمين آهي ۽ 4 .75 هاري بي زمين ٻڌايا وڃن ٿا . ملڪ جو آبپاشي نظام جنهن تي زمينون بهتر لاڀ ڏئي سگهن اهو برطانوي دور جو ٺهيل آهي، جنهن ۾ 10کان 12 لک ايڪڙ زمين کي آباد جرڻ جي گنجائش رکيل آهي، ان نظام کي هڪ صدي کان وڌيڪ عرصو ٿي چڪوآهي. ان کي بهتر بڻائڻ لاءِ ڪي به قدم نه کنيا ويا آهن. پاڻي جي وڌندڙ کوٽ ملڪ جي زرعي شعبي کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي، رياست پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ بجاءِ پنهنجن سياسي مفادن لاءِ شطرنج کيڏي رهي آهي، مختلف قسم جي ڊئمن کي بنياد بڻائي زمينن کي برباد ڪيو پيو وڃي، جنهن جي نتيجي طور زمين ٺوٺ ٿيندي پئي وڃي. برطانوي دور جا ٺهيل ڪئنال هاڻي ان حالت ۾ ناهن رهيا جو موجودهه وقت ۾ وڌندڙ زرعي پوکي جي لاءِ پاڻي جو پورائو ڪري سگهن اڄ جي وسيع دور ۾ پراڻن ڪئنالن ۾ پاڻي کڻڻ جي گنجائش ان ريت نه رهي آهي. ملڪ جي سمورن دريائن ۾ 183 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي اچي ٿو جهنن مان 60 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي فصلن تائين پهچي ٿو. ۽ 123 ملين فوٽ پاڻي ضايع ٿي وڃي ٿو .ان پاڻي جي ذريعي اضافي 4 ڪروڙ ايڪڙ فوٽ زمين آباد ڪري سگهجي ٿي. جڏهن ته هن وقت 46 ملين ايڪڙ پاڻي جي وڌيڪ ضرورت آهي.
زرعي سڌارن جي تاريخ جو جائزو وٺجي ته پاڪستان جي ٺهڻ کان پوءِ زمين ۽ هارين جي مسئلن تي بحث مباحثا ٿيندا رهيا خود مسلم ليگ جي 1946ع واري آئين ۾ پڻ زرعي سڌارن واري نقطي کي پڻ شامل ڪيو ويو.زرعي سڌارن جي پهرين ڪوشش 1959 ع ايوب خان جي دور ۾ ڪئي وئي ان جو مقصد نجي ملڪيت تي 5 سو ، باراني (برسات تي ٿيندڙ فصل )هڪ هزار ايڪڙ غير باراني (ڇڙيو يا ٽيوب ويل جي پاڻي تي ٿيندڙ فصل ) جي حدن مطابق نافذ ڪرڻو هيو، ڇاڪاڻ جو ملڪيتي حد خاندان جي بجاءِ فردن جي بنياد تي لاڳو ٿيل هئي. ان لاءِ گهڻا جاگيردار پنهنجي واڌو زمين کي اصلي يا جعلي فردن جي نالي تي منتقل ڪري، ان جي مقرر ٿيل حدن کان بچڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. هڪ ڳالهه ته 1959 ع جي زرعي سڌارن ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون شِقون شامل هيون، جنهن جي فائدي سان زميندار مقرر حد کان وڌيڪ زمين رکي پئي سگهيا. مطلب ته هڪ شق جو مثال “ڪو به زميندار باغن لاءِ الڳ زمين رکي سگهي ٿو ” 1947ع کان وٺي 1977ع تائين 8 ڀيرا زرعي سڌارن جون ڳالهيون ڪيون ويون آهن، وڏا بحث مباحثا سرڪاري سطح تي ڪرايا ويا .1972ع ۾ پي پي پي سرڪار پاران زرعي سڌارن لاءِ جوڙيل قانون سازي، جنهن کي ذوالفقار علي ڀٽي مارشلا ريگيوليشن نمبر15 تحت نافظ ڪيو، پر ان حوالي سان ڪي به عملي قدم نه کنيا ويا. جيڪي زمينون هارين جي نالي ڪيون ويون، انهن جا صرف رڪارڊ نالي ماتر بدلايا ويا، باقي اهي زمينون انهن جاگيردارن جون هيون، جن کي ضيائي آمريت دوران واپس وٺڻ ۾ ڪابه دير نه لڳي. جيئن ئي ضيائي آمريت جو دور شروع ٿيو ته هن پنهجي آمراڻي پاليسين سان 1980ع ڌاري وفاقي شرعي ڪورٽ جو بنياد وڌو، جنهن زرعي سڌارن تي فيصلو ٻڌائيندي چيو ته زرعي سڌارا غير آئيني ۽ غير شرعي آهن. 1989ع ۾ عدالت سڳوري ان فيصلي جي توسيع ڪئي، جنهن ۾ چيو ويو ته “رياستي قوت جي ذريعي نجي زمين ڦرڻ اسلامي قانون جي خلاف آهي ” جنهن کان پوءِ ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ زرعي سڌارن جي ڪوششن جو باب ئي بند ٿي ويو ملڪ جي جاگيردارن ۽ سرمائيدارن جي رحم ۽ ڪرم تي هليو ويو. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪڏهن وفاق ۾ ڪمزور هجڻ جي زرعي سڌارا نه ڪري سگهي آهي، گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ته زرعي سڌارا ڪري سگهي ٿي، جتي 14 سالن کان سندن حڪومت موجود آهي، اتي ٽريڪٽر مارچ بجاءِ زمين تي هاري جو حق تسليم ڪرڻ سان، هارين جي صورتحال بهتر ٿي سگهي ٿي.
جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته سنڌ جي مختلف علائقن ۾ ڪيتريون ئي زمينون خالي پيل آهن يا جاگيردارن جا زرعي فارمز اڏيل آهن، انهن سمورين خالي پيل زمينن کي هارين حوالي ڪرڻ گهرجي. اسان جي سماج ۾ جتي ٻيون و ڇوٽيون آهن اتي استحصال جو هڪ ٻيو ٽول فصل لهڻ کان پهرين هاري کي اهڙن هٿرادو قرضن ۾ جڪڙيو وڃي ٿو جيڪو جيتوڻيڪ ظلم آهي ، هٿرادو قرض جي نالي ۾ هارين جو استحصال بند ٿيڻ گهرجي، اهڙن عملن ۾ ملوث جاگيردارن خلاف اعليٰ سطحي جي ڪاروائي ٿيڻ گهرجي، ڇاڪاڻ جو اهو عمل به دهشتگردي ۾ شمار ٿئي ٿو. ڍل جهڙي گٺل نظام کان وٺي هارين کي هارپ جي ڪرت ۽ زمين کيڙڻ جي لاءِ مڪمل آزادي هجڻ گهرجي، جبري طور هارين سان ٻه اکيائي وارو رويو بند ٿيڻ گهرجي، دنيا ۾ جيئن جيئن تبديلي اچي پئي، اهڙي ريت هارين لاءِ زرعي شعبي ۾ ايندڙ تبديلين جي روشني ۾ ماهرن جون ٽيمون هارين جي مشاورت سان جوڙيون وڃن ته، جيئن اهي زمينون سٺي لاڀ ڏئي سگهن نوان ٻج ۽ دوائون مهيا ڪري ڏيڻ رياست جي اهم فرض ۾ شامل هجڻ گهرجي. گهٽ ۾ پ پ جي صوبائي حڪومت ته ائين ڪري، جيئن صنتي شعبي ۾ سماجي تحفظ جا ادارا موجود آهن، اهڙي ريت سمورن هارين کي سندن علاج معالج لاءِ، تعليم، پاڻي، بجلي رستن سميت سموريون سهولتون صرف بيانن جي حد تائين نه پر عملي طور به مهيا ڪري ڏنيون وڃن ته، جيئن سنڌ جو هاري تندرست رهي پوکي ذريعي زرعي معيشت ۾ واڌارو ڪندو رهي. جهالت ۽ ڪڌين رسمن کي ختم ڪرڻ لاءِ هارين جو ن سماجي تنطيمون جوڙيون وڃن. ته جيئن هاري شعوري سگهه سان پنهنجي آئيندو جو بهترين مستقبل جوڙي سگهن. سنڌ حڪومت “هاري ٽريڪٽر مارچ” سنڌ ۾ هاري جو زمين تي ملڪيت جو حق تسليم ڪندي، ان تي عملي ڪردار ادا ڪندي سنڌ ۾ هاري کي سندس بک جي پيڙا مان ٻاهر ڪڍي ته جيئن سنڌ جو ڪڙمي پنهنجي اجڙيل خوابن جي ڪا تعبير جوڙڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي.
sajjadz_2006@yahoo.com

جمع 28 جنوري 2022ع روزاني ڪاوش

Share.

Leave A Reply