سنڌ جي يونيورسٽين کي وحشي بگھڙن کان آجو ڪيئن ڪرائجي ۽ انھن يونيورسٽين کي ڪيئن علم ۽ انقلاب جون درسگھائون بڻائجي

Pinterest LinkedIn Tumblr +

سنڌ جي يونيورسٽين کي وحشي بگھڙن کان آجو ڪيئن ڪرائجي ۽ انھن يونيورسٽين کي ڪيئن علم ۽ انقلاب جون درسگھائون بڻائجي

سنڌ جي يونيورسٽين کي وحشي بگھڙن کان آجو ڪيئن ڪرائجي ۽ انھن يونيورسٽين کي ڪيئن علم ۽ انقلاب جون درسگھائون بڻائجي

سارنگ جويو
شھيد بينظير يونيورسٽي نوابشاھ ۾ ھڪ ڀيرو ٻيھر سنڌ جي نياڻين سان سيڪشوئلي حراسمينٽ جا واقعا وڌي ويا آھن، اھي واقعا صرف شھيد بينظير يونيورسٽي نوابشاھ تائين محدود ناھن پر انھن جو دائرو سنڌ يونيورسٽي کان وٺي، ڪراچي يونيورسٽي تائين بلڪہ اھي واقعا سرڪاري يونيورسِٽيز کان علاوہ پرائويٽ يونيورسٽيز ۾ بہ ٿين پيا ۽ اھڙن شرمناڪ ۽ دل دھلائيندڙ واقعن جي ڪري يونيورسٽين جي ساک بہ متاثر پئي ٿئي.
يونيورسٽيون نہ صرف اعليٰ تعليم حاصل ڪرڻ جو ذريعو ھونديون آھن پر اھي شاگرد سياست ۽ انقلاب جي نرسرين طور سُڃاتيون وينديون آھن، پر گذريل ڪجھ سالن کان انھن يونيورسٽين ۾ انڌير نگري ۽ چرٻٽ راجا وارا قانون پيا ھلن، جتي ڪڏھن گرلز ھاسٽلن مان نياڻين جا ڦاھو کاڌل لاش پيا ملن تہ ڪڏھن وري پوائنٽن جي ٽڪر ۾ معصوم شاگردن جون حياتيون پيون ضايع ٿين، تہ ڪڏھن وري يونيورسٽين جي انتظاميائن، ۽ رينجرز پاران ھولي ملھائڻ، يا ثقافتي ڏھاڙا ملھائڻ تي شاگردن مٿان بغاوت جا ڪيس داخل ڪيا پيا وڃن، ۽ انھن شاگردن جي تذليل ڪرڻ سان گڏ انھن کي ريسٽيڪيٽ ڪيو پيو وڃي، تہ ڪڏھن وري شاگردياڻين کي رينجرز، يونيورسٽي جي ملازمن، استادن توڙي شاگردن پاران سيڪشوئلي ھراس ڪري بليڪ ميل ڪيو پيو وڃي. جنھن جي رد عمل ۾ سنڌي سماج جي باشعور طبقي پاران سوشل ميڊيا تي نندڻ سان گڏ عملن مظاھرا پڻ ڪيا ويا ۽ ڪجھ سال اڳ شاگردياڻين پاران تہ بليڪ ميل ڪندڙ استادن خلاف ڪورٽ سان پڻ رجوع ڪيو ويو ھو پر ان جو ڪو خاطر خواھ نتيجو نہ نڪتو ۽ نہ ئي اھڙا واقعا رڪجي سگھيا آھن.
اسان پنھنجي دل تي ھٿ رکي ٻُڌايون تہ اسان اڄ تائين انھن سمورن مسئلن کي عملي طور درست طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪيتري ڪوشش ڪئي آھي، مُنھنجي خيال ۾ تہ ان جو جواب نہ ۾ ايندو، ڇو تہ اسان انھن اھم مسئلن کي پنھنجو مسئلو ڪڏھن سمجھيو ئي ناھي، ڇو تہ اھي واقعا اسان مان شايد ڪنھن سان بہ ذاتي طور ناھن ٿيا، ان لاءِ سان ڪجھ ڏينھن احتجاج ڪري، سوشل ميڊيا تي انتظاميا، استادن تنظيمن ۽ شاگرد تنظيمن( جن جو ھن وقت يونيورسٽي ۾ وجود بہ نہ رھيو آھي) کي گاريون ڏئي وري خاموش ٿي ويھي رھندا آھيون.
سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جي انھن اھم مسئلن کي حقيقي طور حل ڪرڻ لاءِ مون وٽ ھيٺيون تجويزون آھن، جيڪي تجويزون مون سنڌ يونيورسٽي ۾ پڙھڻ وقت بہ شاگردن، استادن ۽ انتظاميا جي آڏو رکيون ھيون ۽ انھن تجويزن تي عمل ڪرائڻ لاءِ پنھنجن ساٿين سان گڏ مسلسل جدوجھد بہ ڪندو رھيو آھيان، انھن تجويزن تي عمل ڪري اھي مسئلا حل ڪري سگھجن ٿا:
1. يونيورسٽين جي ڪوڊ آف ڪنڊڪٽ ۽ يونيورسل ايڊيوڪيشن لا تحت شاگردن ۽ شاگردياڻين جون انسر ڪاپيون چيڪ ڪرڻ کان پوءِ شاگردن کي واپس ڪيون وڃن، تہ جيئن استادن پاران شاگردياڻين کي بليڪ ميل ڪرڻ يا سيڪشوئلي حراس ڪرڻ يا وري شاگردن پاران استادن کي ڌمڪيون ڏئي بليڪ ميل ڪري مارڪون وٺڻ يا وري ميرٽ جي لتاڙ ڪندي من پسند شاگردن کي نوازڻ وارن عملن کي قانوني طريقي سان روڪي سگھجي ٿو.
2. شاگرد يونين بحال ڪري سماج مان وڪيلن، ججن ۽ استادن تي مشتمل اليڪشن ڪميشن جوڙي ان جي نگرانيءَ ۾ اليڪشن شفاف طريقي سان ڪرائي وڃي، جنھن کان پوءِ شاگرد يونين جي باڊي جي ٻن نمائندن صدر ۽ جنرل سيڪريٽري کي يونيورسٽي جي پاليسي ساز ادارن سينيٽ ۽ سينڊيڪيٽ ۾ نمائندگي ڏئي اختيار ڏنا وڃن.
3. سنڌ جي سمورين يونيورسٽين مان رينجرز ۽ پوليس کي نيڪالي ڏئي شاگرد ھاسٽلن سان گڏ شاگرد يونين آفيسون بہ خالي ڪرايون وڃن، ۽ رينجرز ۽ پوليس جي جڳھ تي ٽرينڊ خانگي سيڪيورٽي گارڊز رکيا وڃن.
4. يونيورسٽين جا وائيس چانسلرَ، سياسي ڀرتين کان ھٽي ڪري ميرٽ تي علمي ۽ انتظامي اھليت رکندڙ بااختيار رکيا وڃن، جيڪي يونيورسٽين کي ھڪ اڪيڊمشن طور مٿي کڻي اچي سگھن.
5. يونيورسٽين جي مختلف شعبن ۾ پڙھايو ويندڙ نصاب مُدي خارج بڻجي چڪو آھي، جنھن کي نہ صرف اپ ٽو ڊيٽ ڪيو وِڃي پر ان سان گڏ نج سائنسي ۽ ٽيڪنيڪل بنيادن تي سيليبس جوڙي پڙھايو وڃي ۽ ان سان گڏ استادن جي ٽيچنگ ٽريننگ پڻ ڪرائي وڃي.
6. يونيورسٽين ۾ استادن، ملازمن توڙي آفيسرن جي ڀرتي ميرٽ ۽ اھليت جي بنياد تي ڪئي وڃي.
مٿي ڏنل تجويزن تي عمل ڪرڻ سان بينظير يونيورسٽي نوابشاھ، سنڌ يونيورسٽي ۽ شاھ لطيف يونيورسٽي سميت سنڌ جي سمورين يونيورسٽين جا اھي مسئلا حل ٿي سگھن ٿا، پر انھن تجويزن تي عمل ڪرائڻ لاءِ انھن سمورين يونيورسٽين جي شاگردن کي متحد ٿي ڪري نظرياتي بنيادن تي تنظيم سازي ڪري جدوجھد ڪرڻي پوندي ۽ سنڌ جي شعور ۽ سياسي سماجي تنظيمن کي انھن جي مدد ڪرڻي پوندي.

Share.

Leave A Reply