ايم ڪيو ايم جي ٻن وفاقي وزيرن استعفيٰ ڏئي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان اڄ شام قوم کي اهم خطاب ڪندو

Pinterest LinkedIn Tumblr +

ايم ڪيو ايم جي ٻن وفاقي وزيرن استعفيٰ ڏئي ڇڏي، وزيراعظم عمران خان اڄ شام قوم کي اهم خطاب ڪندو

PM Imran Khan likely to address nation today: Sheikh Rasheed

ڪراچي (م ) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان اڄ شام قوم کي اهم خطاب ڪندو، اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته سياست هاڻي شروع ٿي چڪي آهي، وزيراعظم ڪابينا جو هنگامي اجلاس طلب ڪري ورتو آهي

گهرو وزير چيو ته عمران خان آخري بال تائين وڙهندو، جڏهن ته خط ڏيکارڻ لاءِ ڏهن صحافين کي فون ڪري گهرايو ويو آهي، ان کان اڳ هڪ تقريب کي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو هو ته تحريڪ عدم اعتماد وڏي عالمي سازش آهي، سينيئر صحافين کي خط ڏيکاريندس

ايم ڪيو ايم جي ٻن وفاقي وزيرن استعفيٰ ڏئي ڇڏي

ٻئي پاسي حڪمران اتحادي پارٽي ايم ڪيو ايم حڪومت کان ڌار ٿيڻ تي وفاقي ڪابينا کان به ڌار ٿي وئي آهي

ايم ڪيو ايم جي ٻن وفاقي وزيرن فروغ نسيم ۽ امين الحق پنهنجون استعيفائون وزيراعظم هائوس ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن، جنهن کانپوءِ ايم ڪيو ايم هاڻي باقاعده ڪابينا کان ڌار ٿي وئي آهي

ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم جي ٻنهي وزيرن طرفان رابطا ڪميٽي طرفان استعيفيٰ جي تصديق کانپوءِ استعيفيٰ جمع ڪرائي وئي آهي، ايم ڪيو ايم ۽ مخالف ڌر وچ ۾ معاهدي جي تصديق بلاول ڀٽو ۽ فيصل سبزواري به ڪئي آهي

Share.

Leave A Reply