غزل ماھين ھيسباڻي

Pinterest LinkedIn Tumblr +

غزل
ماھين ھيسباڻي

Oh Ama Oh Ama (Song By Maheen Hisbani) Special For All Mothers - YouTube

سَڀِ سِتم تنھنجا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه!
ڏُکَ سندا لمحا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه!

جيئَن جهيڙين تيئَن ميڙين، مان ته تنھنجو چاھُ آھيان،
رمزَ ھيءَ راڻا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه.

ڪِرت ۾ آھين قصابن جيئَن ڪُھندو ٿو رَھين تون،
سَڀِ رَکيم حملا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه.

وارَ ڪُنڍڙا يارَ جا ھر روزُ مُونتي وارَ ڪَن ٿا،
ڀل چَئو جملا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه.

عِشقَ سڀ اپمانَ گهوريا، عِشق سڀ ايمانَ توريا،
مون ڏِنا صدقا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه.

روزُ روزا مُون ڀَڳا تون عِشقَ! جو آئين اڱڻ تي،
مون ڪَئي مرحبا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه،

محبَتُون ماھين لئه مرحم بَڻيون آھن سَدائين،
عشقَ جا درجا اَکين تي عِشقَ تنھنجي آبِرو لئه

Share.

Leave A Reply