زوالِ حال ڪي دن هين، ڪوئي ڪمال ڪرو!!

Pinterest LinkedIn Tumblr +

زوالِ حال ڪي دن هين، ڪوئي ڪمال ڪرو!!

 

 

 

 

 

 

 

   “عقل ڪيترو به هجي. علم ڪيترو به هجي. ڪجهه ڳالهين جي سمجهه مخصوص عمر سان ئي مشروط هوندي آهي”

مٿين ڳالهه مون کي ڪيئي سال اڳ پنجاب سان تعلق رکندڙ هڪ سرخي چئي هئي. ان مهل مون کي محسوس ٿيو هو ته هو پنهنجي عمر جو ايڊوانٽيج Advantage وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. پر ڪافي وقت کان وٺي مون کي هن جي ڳالهه درست محسوس ٿيندي رهي آهي. ڪجهه ڳالهيون عمر سان واڳيل هجن ٿيون.

 ڇا عمر جو مطلب صرف اڇو مٿو ۽ لڙڪيل چمڙي آهي؟ عمر جو اصل مطلب ته وقت جي اها واڌ ويجهه آهي، جيڪا ارتقا جي اصولن تي اڳتي هلندي رهي ٿي. بلڪل ايئن جيئن هڪ ٻج پهرين سلي، پوءِ ٻوٽي ۽ اڳتي هلي مضبوط شاخن واري ان وڻ ۾ تبديل ٿي وڃي ٿو، جنهن ۾ صرف ڇانوَ ئي نه پر ميوو به آهي ۽ ان ميوي ۾ اهو ٻج به آهي، جيڪو هن جهڙا اڪيچار وڻ وجود ۾ آڻي سگهي ٿو.

                 ان حوالي سان آئون جڏهن “پنهنجي اخبار” جي سلسلي ۾ سوچيان ٿو ته سڀ کان اڳ ۾ مون کي هن جي عمر جو احساس ٿيڻ لڳي ٿو. ٽي سال هڪ اخبار جي حوالي سان ته ڪجهه به ناهن. جڏهن مون “ڪاوش” جوائن ڪئي هئي ته ان مهل ان کي شايع ٿيندي چار ورهيه وهامي چڪا هئا پر ان وقت به اها اخبار ڪيترن ئي حوالن سان ڪچي هوندي هئي. پر ڪچي هجڻ سان گڏ هن ۾ هڪ تازگيءَ جي مهڪ به هئي. اها مهڪ جيڪا اڄ هن ۾ باقي نه بچي آهي. هڪ جرنلسٽ جي طور تي اخبار يا ڪنهن ميڊيا کي ڏسڻ جا انداز الڳ هوندا آهن. جرنلسٽ صرف لکڻ وارو نه هوندو آهي پر هو پڙهڻ وارو به هوندو آهي پر اها ٻي ڳالهه آهي ته هن جي پڙهڻ جي اينگل الڳ هوندي آهي. هو صرف سٽون نه پڙهندو آهي پر هو سٽن جي وچ ۾ موجود مواد کي پڙهندو ويندو آهي. اهو مواد جنهن کي اردوءَ ۾ “بين السطور” ۽ جنهن کي انگريزيءَ ۾ “Between the Lines” لکيو ويندو آهي. ان حوالي سان جڏهن هڪ سينئر صحافيءَ جي نظر سان آئون “پنهنجي اخبار” کي ڏسان ٿو ته اها مون کي پنهنجي عمر کان ڪجهه وڏي نظر اچي ٿي. ان جو سبب شايد اهو به آهي ته جنهن ٻار جي مٿان وڏا بار پوندا آهن، اهو جلدي جوان ٿيڻ لڳندو آهي.

صحافت جي شعبي جو شوق رکندڙ دوستن کي اها اينگل به آزمائڻ گهرجي. انهن کي مڃيل ۽ پڪين پختين اخبارن جي آرڪائيز  ۾ جهاتي پائي، انهن کي ان مهل به ڏسڻ گهرجي جڏهن اهي ٽن چئن سالن جون هيون. انهن اخبارن ۾ ان مهل پروف جون ڪيتريون نه چڪون هونديون هيون. انهن جي خبرن توڙي ڪالمن ۾ موجود گرامر ڪيترو نه غلط هوندو هو. اهي ٻوليءَ سان جيڪو سلوڪ ڪنديون هيون، ان جو به جائزو وٺڻ گهرجي. جڏهن ته ميڊيا جي سلسلي ۾ جيڪا سڀ کان اهم شيءَ هوندي آهي، اها ته ان جي ايڊيٽوريل پاليسي ئي هوندي آهي. اها ايڊيٽوريل پاليسي به وقت سان گڏ پختي ٿيندي آهي. مون ته تمام وڏي عمر جي اخبارن جي ايڊيٽوريل پاليسي ان “مرغ بادنما” يعني هوائي ڪڪڙ جيان ڏٺي آهي، جيڪا حڪومتي هوا سان پنهنجو رخ تبديل ڪندي رهندي آهي. جڏهن ته اصل سوال ان ڌر سان ڪمٽمينٽ جو آهي، جنهن سان وفا ڪرڻ جي سلسلي ۾ ميڊيا جو هڪ روپ جنم وٺندو آهي.

“پنهنجي اخبار” جي ميچورئٽيءَ جو هڪ اهم سبب اها ٽيڪنالاجي به آهي، جنهن ميڊيا کي هڪ ئي وقت آسان ۽ تمام مشڪل بڻائي ڇڏيو آهي. هڪ وقت اهو به هو جڏهن ته هڪ تازي تصوير جهڙي ريت موڊيم تي آهستي آهستي ايندي هئي ۽ ان جو رزلٽ به ايترو ته ڌنڌلو هوندو هو جو صرف هڪ پاڇو نظر ايندو هو پر ان مهل اهڙي تصوير کي جنهن آفرين آميز نظر سان ڏٺو ويندو هو، اها نظر مون کي اڄ به ياد آهي. ساڳي طرح سان پيسٽنگ جو عمل ڪيترو نه ٿڪائيندڙ ۽ منجهائيندڙ هوندو هو. اهو وقت ته تمام گهڻو مشڪل هو جڏهن ڪمپازيٽر اکر اکر جوڙيندا هئا. پر جڏهن ڪمپيوٽر تي سنڌي ڪمپوزنگ شروع ٿي هئي، تڏهن به هڪ خبر کي ڪيترن ئي مرحلن مان گذرڻو پوندو هو. ان ۾ جيڪا مشڪل هئي، ان جا ڪي فائدا به هئا. پر هي اهو دور آهي جڏهن هڪ فرد هڪ ڪمپيوٽر ته ڇا پر پنهنجي موبائل فون تي پوري اخبار جوڙي سگهي ٿو.

اهڙيون اخبارون هر ٻوليءَ ۾ ۽ پاڪستان اندر خاص طور تي سنڌي ٻوليءَ ۾ ته جام ٿي ويون آهن. ميڊيا ۾ جيڪا ڪوانٽٽي Quantity پيدا ٿي پئي آهي، ان ڪوائلٽي Quality کان پوري قيمت وصول ڪئي آهي. ان صورت ۾ اهو ضروري ٿي پيو آهي ته هڪ حقيقي اخبار کي هڪڙن پاسن جي سهولت وارو محنتي سرمايو ٻين پاسن تي خرچ ڪرڻ گهرجي. هڪ دور اهو هوندو هو جڏهن ننڍي خبر به اخبار تائين مفت ۾ نه پهچندي هئي پر هاڻي خبرون ته ڇا تصويرون ۽ تصويرون ته ڇا پر وڊيوز ۽ اهي به لائيو وڊيوز Live Videosمفت ۾ ميسر ٿين ٿا. اسان کي اندازو به نه هو ته هڪ وقت اهڙو به ايندو جو ميڊيا جو مظهر مشڪري ٿي ويندو. اهو سچ آهي ته سائنس انسانن جي لاءِ سهولتون پيدا ڪري هن کي تمام گهڻو سست ڪري ڇڏيو آهي. ساڳيو حال اسان جي ميڊيا جو به آهي. اسان جي ميڊيا هن وقت جهڙي ريت پريس ڪلبي سياست تائين محدود ٿي وئي آهي ۽ ان پنهنجي دماغ ۾ جيڪا اها سوچ رکي آهي ته ميڊيا ۾ پئسا ناهن پر ميڊيا معرفت پئسا ڪمائي سگهجن ٿا، ان سوچ ميڊيا کي ڪاپاري ڌڪ هنيو آهي. ڪافي وقت کان وٺي ميڊيا “پي آر” وڌائڻ جو وسيلو بڻجي وئي آهي.

“سيکي هي مهه رخون ڪي ليي هم مصوري

تقريب ڪڇ تو بهر ملاقات چاهيي”

مرزا نوشا کي معلوم نه هو ته ايندڙ وقت ۾ مصورن کي ايتري لفٽ نه ملندي جيتري انهن ميڊيا وارن کي حاصل هوندي، جن کي صرف ان ڪري برداشت به ڪيو ويندو آهي ته ڪو نقصان به پهچائين.

سوشل ميڊيا سماج تي سٺا ۽ برا جيڪي به اثر وڌا آهن، انهن ۾ هڪ شيءَ اها به حاصل ٿي آهي ته ان ميڊيا جي معرفت ماڻهو پنهنجي معاشري کي اهڙي روپ ۾ به ڏسي ٿو، جنهن روپ ۾ هڪ فارينسڪ Forensic ڊاڪٽر هڪ لاش کي ڏسندو آهي. سوشل ميڊيا نه هجي ها ته اسان کي اهو پتو ڪيئن پوي ها ته صحافت جو وقار ڪيترو نه هيٺ ڪري پيو آهي. هڪ وقت اهڙو هو، جڏهن ايترن پسئن ۾ هڪ جڳاڙي صحافيءَ کي ڊمي اخبار جو پريس ڪارڊ به نه ملندو هو، جيترن پئسن ۾ اڄ هو پنهنجو الڳ ٿلڳ ادارو قائم ڪري وٺي ٿو. “آن لائن” سلسلو وقت جي وڌندڙ بزنس بڻجي ويو آهي. پر ان سموري صورتحال کي نظر ۾ رکي اسان وري ان نقطي تي واپس اچون ٿا ته اڄوڪي دور ۾ حقيقي ميڊيا کي ڪهڙو ڪردارا ادا ڪرڻو آهي؟ منهنجي نظر ۾ ان بظاهر مشڪل سوال جو سولو جواب اهو آهي ته هڪ وقت اهڙو هو جڏهن هر مرض جو علاج هر ڊاڪٽر ڪندو هو. پر ميڊيڪل سائنس جي ترقيءَ سبب طب جي دنيا ۾ تحقيق جا الڳ الڳ شعبا پيدا ٿيا ۽ ڊاڪٽرن کي ڌار ڌار رخن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جي طرف وڌڻو پيو. جيڪڏهن هن دور ۾ ميڊيا کي پنهنجو وجود عزت سميت بچاڻو آهي ته ان کي گهڻي ڳوڙهي تحقيق جي طرف وڌڻو پوندو.

هي اهو دور ناهي جڏهن هڪ رپورٽر لاءِ بزنس يا ڪرائيم يا بيوروڪريسي صرف هڪ بيٽ Beat هجي. ميڊيا جي سلجهيل ۽ ترقي يافتا تصور مطابق مخصوص شعبن جا ماهر ئي وڏيون خبرون مهيا ڪري سگهن ٿا. ان سلسلي ۾ صرف ان شعبي جو ماهر هجڻ ڪافي ناهي پر هڪ ماهر کي ميڊيا جو هنر به سکڻو پوندو. ان کان سواءِ هو سمنڊ جهڙي سماج مان پنهنجي معنيٰ جا موتي حاصل ڪري نه ٿو سگهي.

هن وقت ميڊيا تي اهو وقت آيل آهي، جنهن لاءِ اردو ٻوليءَ جي البيلي شاعر جون ايليا لکيو هو ته:

“زوالِ حال ڪي دن هين

ڪوئي ڪمال ڪرو!!”

اها ڳالهه آئون ان ڪري نه ٿو ڪريان جو هي ڪالم “پنهنجي اخبار” جي زينت ٿيندو پر ايمانداريءَ جي تقاضا اها آهي ته پاڻ جن شرطن شروطن کي ميڊيا جي زوال مان ڪمال جي سفر لاءِ ضروري سمجهيو، انهن جي عملي اميد ڪهڙي اداري مان رکي سگهجي ٿي؟

آئون خاص طور تي سنڌي ميڊيا جي سلسلي ۾ سوال اٿاري رهيو آهيان. اهو سچ آهي ته اهڙي مشڪل ڪم جي اميد وري به “پنهنجي اخبار” واري اداري مان رکي سگهجي ٿي. ڇو ته سنڌي ميڊيا ۾ جنهن اداري کي سڀ کان وڏو ادارو سمجهيو وڃي ٿو ان جو اهو نه رڳو ٻريل تيل واري ڏيئي جهڙو آهي پر ان ۾ جيتري منفيت ۽ اينٽي پروفيشنل ايٽيٽيوڊ پيدا ٿي پيو آهي، اهو ان جي منطقي انجام جو بنيادي سبب آهي. ان صورت ۾ اهو بار به “پنهنجي اخبار” جي ڪلهن تي پيو آهي، جنهن کي جنم ڏيندڙ بخوبي ڄاڻن ٿا ته انهن جي اڳوڻي اداري جي زوال جا اصل سبب ڪهڙا هئا؟ غلطي اڄ به انسان جي عظيم استاد آهي. سنڌي ميڊيا ۾ جيڪي به غلطيون ۽ جيڪي به غلط شيون موجود آهن، انهن جو ازالو ڪرڻ جي سلسلي ۾ مون مسڪين جي نظر وري به ان اداري جي طرف وڃي ٿي، جنهن ۾اوهان اهي لفظ پڙهي رهيا آهيو.

“چوڻ آسان ۽ ڪرڻ مشڪل آهي” پر ان جو مطلب اهو به ناهي ته “چوڻ” جي ڪا اهميت ناهي. آخر “چوڻ” به ته هڪ عمل آهي. ڪمزور ئي سهي. ننڍڙو ئي سهي. معمولي ئي سهي. پر عمل جي ابتدا به ته لفظن کان ئي ٿيندي آهي.

شيخ اياز جي صحافتي تجربي تي تنقيد ته ٿي سگهي ٿي پر هن جي شاعري ته سدائين پنهنجي پانڌ ۾ تعريف جا موتي ئي ميڙيندي ۽ سهيڙيندي. اهو اياز ئي هو. جنهن لکيو هو:

“پهريون پهريون لفظ خدا جو

ڪن فيڪون

شاعر موسيقار مصور ۾ ساڳيو آ

جوش جنون

ڪن فيڪون

ڏات خزانو آهي

ڀل ته ورهائي موتي هيرا

نيلم نيرا

روڪ نه تن کي

ٽوڪ نه تن کي

هي جي سرجڻهار صدين

تن کي تون ڄاڻي واڻي

ايڏي بک نه ڏي اي ڌرتي

ايڏا ڏک نه ڏي اي ڌرتي!!”

Share.

Leave A Reply