گمنامي، خوف ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو.

Pinterest LinkedIn Tumblr +

گمنامي، خوف ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو

Shah Latif Bhittai - Rebel Revolutionary Poet - Ayaz Latif Palijo Speech in  Arts Council Karachi - YouTube

گمنامي، خوف ۽ مصلحت جون ديوارون ٽوڙي ڇڏيو…
اياز لطيف پليجو
رمضان جي ٻي ھفتي ۾ ھڪ وزير صاحب افطار پارٽي جي دعوت ڏيڻ لاءِ فون ڪيو، معذرت ڪيم ته سندس شھر کان پري آھيان. تازي آمريڪي دوري جا احوال ڪندي پڇيائين ته اوھان جا ٻار اتي پڙھن ٿا ڇا؟ ٻڌايومانس ته نه اھي ھتي سنڌ ۾ ئي پڙھن ٿا. سندس ٻارن جي پڙھائي بابت ٻڌايائين ته ھڪ ٻاھران گريجوئيٽ ٿيو آھي ۽ ھاڻ اھو ۽ سندس ٻيو بيريسٽر ڀائيٽيو ٻئي ڳوٺان ٽائون ۽ ڊسٽرڪٽ ڪائونسل جي بلدياتي اليڪشن جا اميدوار ھوندا. سبب پڇيومانس، چيائين ته نوجوان جو خيال ته اڳتي ھلي جج ٿيڻ جو آھي پر ھن نفسا نفسي جي دور ۾ پنھنجا اباڻا تڪ خالي ٿوروئي ڇڏبا. سوچڻ لڳس ته ھڪ طرف انھن ارب پتين جا لنڊن پڙھيل ماڊرن ٻار سياست، اقتدار ۽ اليڪشنز جا مزا ۽ اھميت سمجھندي مقامي ڪائونلسر جي بلدياتي سيٽ به سندن پارٽي ڪارڪنن، عزيزن ۽ عام ماڻھن لاءِ ڇڏڻ لاءِ تيار ناھن، ٻي طرف اڳوڻي صدر ۽ کرب پتي آصف زرداري صاحب سندس فرزند ۽ پارٽي جي چيئرمين بلاول صاحب کي فقط انڪري ھڪ ننڍڙي وزارت ڏياري آھي ته جيئن ھڪ ته ھو اقتدار جي مرڪز ۽ ڪابينه ۾ ھروقت موجود ھجي ۽ ٻيو ته حڪمراني جا ابتدائي تجربا حاصل ڪري ۽ طاقت، ڊپلوميسي ۽ جوڙ توڙ جا داو پيچ سکي. شھباز شريف صاحب ۽ نواز شريف صاحب به سڀ اھم منصب سندن گھر ڀاتين کي ڏنا آھن ۽ عمران خان صاحب جا ننڍا توڙي وڏا اھم فيصلا به سندس ڀينر، ذاتي دوست، سئوٽ، سندس گھرواري ۽ ان جو ساھيڙيون ڪنديون رھيون آھن. پر ھيڏانھن سنڌ ۾ پاڻ واري بيواھي، بيروزگار، لنگھڻ، لاوارث، مظلوم ۽ محروم مخلوق مان ڪنھن کي کڻي چوندو ته ھمٿ ڪيو ڪائونسلر جي سيٽ لاءِ اميدوار بڻجو ته جواب ملندو ته ڪائونسلر ٿي ڇا ڪبو؟ واھ سائين واھ… جھڙوڪر پاڻ ماڻھن لاءِ چوويھ ڪلاڪ ڪي شاندار وڏا موقعا ۽ ڪي صدر ۽ وزير اعظم واريون ڪرسيون ۽ ايوان انتظار پيا ڪن. پنھنجا سادا سودا ماڻھو اھو سمجھن ئي نٿا ته ھزارين ميلن جي طويل پنڌ جي شروعات به پھرين روايتي ۽ ننڍڙي وک سان ڪبي آھي.
انھن بيسمجھي وارين, مشڪل ۽ بظاھر مايوس ڪُن حالتن ۾ انھن سڀني باھمٿ ۽ باشعور سنڌ واسين، پارٽي ساٿين، نوجوانن ۽ نون فردن کي شاباس جيڪي رڳو دريا جي پرين ڀر بيھي تجويزون ڏيڻ، ھڪلون ڪرڻ ۽ تنقيدون ڪرن بدران، ھن ڀيري سنڌ جي سڏ تي، پاڻ دلير ۽ نروار ٿي، بلدياتي چونڊن جي ميدان ۾ لھڻ لاءِ قومي عوامي تحريڪ جي پليٽ فارم تان نامينيشن فارمز وٺن پيا. انھن عام ماڻھن ۽ نوجوانن کي به شاباس جيڪي ٻين سنڌ دوست پليٽ فارمز ۽ ٻين پارٽين پاران اھل اقتدار آڏو اليڪشن لڙڻ جو ارادو ڪن پيا.
ھن سماج ۾ ھڪڙا ڪارائتا ماڻھو، ڪافي سارا بھتر ڪم ڪندي رھڻ جي باوجود به وقت اچڻ تي اڪيلي سر نروار ٿي ڪو به اھم يا وڏو ڪم صرف انڪري نه ڪري سگھندا آھن، جو سُستي، غير ضروري احتياط، خوف، مصلحت، ڪنجوسي ۽ پيش قدمين کان لھرائڻ جي عادت جي ڪري، ھو ڪڏھين به وقت تي ڪو اھم ۽ غيرمعمولي فيصلو ناھن ڪري سگھندا، ان ڊپ کان ته متان ھينئن نه ٿي پوي، متان ھونئن نه ٿي پوي، متان ھارائي نه وڃجي، متان ڪا خواري نه ٿئي، متان ماڻھو نه کلن، متان فلاڻو مخاف نه ٿي پوي. جڏھين ڪو ماڻھو مشڪل ۽ چيلينجنگ حالتن ۾ پاڻ نشامبر، بھادر ۽ نروار ٿي مقابلي جي ميدان ۾ لھي ٿو ته ان جي گھر جا ڀاتي، اولاد، دوست، ساٿي به ان جي ھمٿ کان متاثر ٿي، ڏکين حالتن ۾ مقابلي جو فن سکن ٿا، پر جي ڪنھن خاندان جو ڪو والد، چاچو، وڏو ڀاءُ يا ڪنھن چوياري، قافلي ۽ سٿ جو سينيئر ساٿي ۽ دوست، مصلحتن، سستي، غيرمستقل مزاجي ۽ دل نه ٻڌڻ جي ڪري، ھر چيلينج. ھر رسڪ مھل پاڻ گمنام، مايوس ۽ پٺتي رھڻ چاھيندو ته آس پاس جي ماڻھن تي به اھي ئي گمنامي ۽ مصلحت جا ڪڪر سڄي حياتي ڇانيل رھندا.
پاڪستان ۾ ماڻھن جي سراسري عمر اٽڪل 67 سال آھي، انھن مان پھريان 17 سال ته ماڻھو ٻين جي ھٿ وس آھي، باقي رھيا پنجاھ سال، ھاڻ پاڻ سڀني کي اھو فيصلو ڪرڻو آھي ته انھن رھيل 50 سالن ۾ ڪو اھم، مثالي ۽ چيلينجز سان ڀريل ڪم ڪرڻو آھي يا ھيءَ فقط ھڪڙو ڀيرو مليل سڄي عمر، زندگي جي اسڪول جي آخري بينچ تي گمنامي ۽ خاموشي سان ڪنڌ ھيٺ ڪري گذاري ڇڏڻي آھي. سنڌ واسيو، ڀلي مقابلي ۽ مزاحمت جو فيصلو نه به ڪيو پر مٿيان ٻه اکر پڙھي اھو سوچجو ضرور ته ھن ديس جي تبديلي لاءِ اوھان پاڻ ڪھڙو ڪردار پيا ادا ڪيو؟
اياز لطيف پليجو
Share.

Leave A Reply